بغداد-27 ڊسمبر (اي پي پي) عراق جي هڪ ريگستان ۾ رستي ڪناري نصب ٿيل بم جي ڌماڪي ۾ 2 ڪويتي ۽ هڪ سعودي سياح مارجي ويا آهن. چيني خابرو ا??ار?? عراقي فوج جي حوالي سان ٻڌ??يو ته عراقي سيڪيورٽي فورسز کي ٻن ڪويتي ۽ هڪ سعودي سياح جا لاش مليا آهن جيڪي اولهندي عراق جي هڪ ريگستان ۾ رستي ڪناري نصب ڪيل بم جي ڌماڪي ۾ مارجي ويا هئا. هن ٻڌ??يو ته مارجي ويل سياح سياحتي ويزا حاصل ڪري عراق ۾ داخل ٿيا هئا ۽ ٽنهي صوبن الانبار، صلاح الدين ۽ نينوي تائين پکڙيل وسيع ريگستان ۾ ??ڪا?? جي سفر دوران گم ٿي ويا هئا، جنهن کانپوءِ عراقي سيڪيورٽي فورسز گم ٿيل سياحن جي ڳ??لا لاءِ ريگستان الانبار ۾ وڏي پئماني تي ڳ??لا ڪئي ۽ انهن جا سڙيل لاش هٿ ڪيا. هن وڌيڪ ٻڌ??يو ته شروعاتي ثبوتن مان پتو پئجي ٿو ته متاثرن جي گاڏي دهشتگردن طرفان رستي ڪناري نصب ڪيل هڪ پراڻي بم سان ٽڪرائجي وئي هئي.
عراق ۾ رستي ڪناري ڌماڪي سبب 3 سياح مارجي ويا
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ