اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد سليمان الجيسر ۽ او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري حسين ابراهيم طحهٰ افغانستان جي لاءِ هيومينيٽرين چارٽ?? تي صحيح کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته افغانين جي انساني بنياد تي امداد وقت جي ضرورت آهي، فنڊ جو مقصد ا??غان عوام کي پاڻ تي ڀاڙڻ ۽ صلاحيتن کي فروغ ڏيڻ آهي، نوجوانن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لا??ِ ڪوششون ڪرڻيون پونديون، سومر ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ انساني همدردي جي بنياد تي ٽرسٽ فنڊ جي چارٽ?? تي صحيح جي تقريب کي خطاب ڪندي اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر چيو ته فنڊ جي قيام جو مقصد ا??غان عوام کي پاڻ تي ڀاڙڻ، فوڊ سيڪيورٽي ۽ تعليم خاص طو?? تي عورتن جي تعليم کي فروغ ڏيڻ آهي، هن چيو ته اسان کي افغانستان ۾ عورتن جي تعليم ۽ بجلي جي فراهمي جي معاملن تي ڌياڻ ڏيڻ گهرجي، او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري حسين ابراهيم طحه چيو ته اسلامي ملڪن جي تن??يم افغان عوام جي مدد لاءِ قدم کڻندي. هن چيو ته افغانستان ۾ حڪومت جي تبديلي کانپوءِ افغان عوام کي مشڪل صورتحال درپيش آهي. هن چيو ته اسان افغان عوام کي سهولتن جي فراهمي لا??ِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، اسان جو مقصد ا??غان عوام جي مدد ڪرڻ آهي، هن اسلامي ملڪن ۽ ٻين عالمي تن??يمن کي درخواست ڪئي ته هو افغان ٽرسٽ فنڊ ۾ وڌي چڙهي حصو وجهن.
افغانين جي انساني بنياد تي امداد وقت جي ضرورت آهي: ڊاڪٽر محمد سليمان الجيسر/حسين ابراهيم طلحهٰ
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل