اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هائير ايجوڪيشن ڪميشن کي آن لائين فاصلاتي ??عل??مي پاليسي جي جلد لاڳو ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته شاگردن جي سستي ??عل??م مان فائدو کڻڻ لاءِ يونيورسٽيون ورچوئل ??عل??مي عمل کي وڌائين، ٽيڪنيڪي خال ڀرڻ ۽ ت??ز رفتار ترقي لاءِ اسڪل ڊولپمينٽ ۽ آءِ ٽي ??عل??م تي ڌيان ڏ??ن. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر ايوان صدر ۾ نيشنل يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي (نيوٽيڪ) تي بريفنگ جي دوران چيو ته غير ملڪي يونيورسٽيون ۽ تربيتي ادارن جي تعاون سان افرادي قوت جي پيشيوراڻي ترقي ۾ مدد ملندي. اجلاس ۾ نيوٽيڪ جي فيڪلٽي ميمبرن، ايڇ اي سي جي نمائندن ۽ حڪومت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. هن چيو ته يونيورسٽي ملڪ جي نوجوانن کي اعليٰ معيار جي ٽيڪنيڪي ??عل??م ۽ هنر فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٽيڪنيڪي خال ڀرڻ ۽ ت??ز رفتار ترقي لاءِ يونيورسٽيون اسڪل ڊولپمينٽ ۽ آءِ ٽي ??عل??م تي ڌيان ڏ??ن، ريڪٽر نيو ٽيڪ ليفٽيننٽ جنرل (ر) خالد اصغر انجنيئرنگ جي مختلف شعبن ۾ ??عل??مي پروگرامن تي بريفنگ ڏني. صدر کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته نيوٽيڪ هٿرادو ذهانت، روبوٽڪس، انجنيئرنگ ۽ آءِ ٽي جي ٻين شعبن ۾ پروگرام شروع ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي. اجلاس کي مستقبل جي منصوبن ۽ آن لائن ايجوڪيشن سپورٽ سسٽم جي تياري جي باري ۾ به بريفنگ ڏني وئي.
هائير ايجوڪيشن ڪميشن کي آن لائين فاصلاتي تعليمي پاليسي جلد لاڳو ڪرڻ گهرجي: صدر
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ