اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي ??زير شاهه محمود قريشي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي سعودي هم منصب شهزا??ه فيصل بن فرحان آل سعود سان ملاقات ڪئي. ٻنهي ??رڏيهي ??زيرن گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي مشاورت جو سلسلو جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن، گهڻ رخي شعبن ۾ تعان جي فروغ ۽ افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گهرا، تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا آهن جڏهن ته ٻنهي ??لڪن هر مشڪل وقت ۾ هڪٻئي جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي. پرڏيهي ??زير سعودي عرب جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي لاءِ پاڪستان جي حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ سعودي پرڏيهي ??زير جي جولاءِ 2021ع ۾ ڪيل پاڪستان جي دوري جو حوالو ڏيندي ٻنهي ??لڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن جي تسلسل جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي ??رڏيهي ??زيرن پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي گڏيل قومن سميت عالمي فورمز تي وڌندڙ گڏيل تعاون کي خوش آئنده ??رار ڏنو. پرڏيهي ??زير چيو ته هڪ مستحڪم ۽ پرامن افغانستان نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي لاءِ اڻٽر آهي، افغانستان ۾ وڌندڙ انساني ۽ معاشي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي برادري کي افعان شهرين جي مدد لاءِ فوري قدم کڻڻا پوندا. جيڪڏهن افغانستان ۾ صورتحال خراب ٿي ته ان جا اثر پوري خطي ۾ پوندا، پرڏيهي ??زير سعودي هم منصب کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج پ??را?? هٿين خالي ڪشميرين تي ڪيل ظلمن ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کان آگاهه ڪيو.
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي سعودي هم منصب سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی