بيجنگ-27 نومبر (اي پي پي) چين چيو آهي ته هيشه فلسطي??ي عوام جي جائز قومي حقن جي بحالي جي حمايت ڪنديسين. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي صدر شي جن پنگ چيو آهي ته چين فلسطي??ي عوام جي جائز قومي حقن جي بحالي لاءِ هميشه کان ان جو پر زور حامي رهيو آهي . فلسطي??ي عوام سان گڏ يڪجهتي جي عالمي ڏ??اڙي جي موقعي تي گڏيل قومن جي ا??لاس ۾ مبارڪباد جي پيغام ۾ شي جن پنگ به اهو نوٽ ڪيو ته چين هميشه اتحاد م??بوط بڻائڻ ۽ اندروني مفاهمت کي حاصل ڪرڻ لاءِ سمورن فلسطيني ڌرين جي حمايت ڪئي آهي. چين جي صدر شي جن پنگ چيو ته فلسطين جو مسئلو فلسطين لاءِ ضروري ڪم اهو آهي ته جنگ جي جلد کان جلد خاتمي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل بابت قراردادن تي گڏيل ۽ بهتر طريقي سان عمل در آمد ڪيو وڃي. هن فلسطي??ي عوام سان يڪجهتي جي عالمي ڏ??اڙي جي مناسبت سان گڏيل قومن جي ا??لاس ۾ پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ چيو ته ٻه رياستي حل تي عمل در آمد ۽ فلسطين مسئلي جي سياسي حل کي هٿي ڏ??ڻ ئي واحد حل آهي.
سدائين فلسطيني عوام جي جائز قومي حقن جي بحالي جي حمايت ڪنداسين: چين
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر