اسلام آباد- 25 ڊسمبر (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قائداعظم محمدعلي جناح ناممڪن کي ممڪن بڻايو، ??ند?? اڻٿڪ محنت عيوض اسان کي پ??ارو وطن پاڪستان مليو، قائداعظم گهڻين صلاحيتن جو مالڪ هو جيڪو اتحاد، انصاف ۽ مساوات تي گهرو يقين رکندو هو، پاڪستاني جي حيثيت سان ا??ان جو فرض آهي ته اسان پنهنجي قوم جي ترقي، خوشحالي ۽ اتحاد ل??ءِ اڻٿڪ محنت ڪريون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب قائداعظم محمدعلي جناح جي 148هين جنم ڏڻ تي پ??هنجي پ??غام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اڄ اسان پاڪستان جي باني جو 148هون جنم ڏڻ ملهائي رهيا آهيون ۽ ان جي غير معمولي بصيرت، پُختي اِرادي ۽ همت ۽ بي مثال عزم جي ياد تازي ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته قائداعظم اهو ڪري ڏيکاريو جنهن کي ڪيترائي ماڻهو ناممڪن سمجهندا هئا، ??ند?? اڻٿڪ محنت عيوض اسان جو وطن پاڪستان وجود ۾ آيو، قائداعظم نادر صلاحيتن جو مالڪ ۽ اتحاد، انصاف ۽ مساوات تي پختو يقين رکندو هو. هن چيو ته ??ند?? زندگي اڻ ڳڻ ماڻهن کي هڪ روشن خيال استاد، بصيرت رکندڙ وڪيل، اصولي ۽ ثابت قدم سياستدان ۽ ڪرشماتي اڳواڻ طور تي متاثر ڪندي آئي آهي. قائداعظم جي جدوجهد جو سفر يقين جي طاقت ۽ محنت ۽ لڳن ذريعي خوابن جي تعبير جو ثبوت آهي. قائداعظم هڪ ڀيرو چيو هو ته ”ناڪامي مون لاءِ اڻڄاڻ لفظ آهي.“ پنهنجي لفظن مطابق هن پنهنجي عزم جي پ??روي ڪئي ۽ ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند جي مسلمانن کي هڪ قوم بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ان لاءِ ??ند?? حتمي مقصد جي حاصل ڪرڻ آڏو عنوانن ۽ تعريف جي حيثيت ثانوي ??هي. هن چيو ته قائداعظم هڪ اهڙي پاڪستان جو خواب ڏٺو جتي بنا ڪنهن فرق جي مذهب ۽ نسل هر شهري عزت، آزادي ۽ مساوي ??ي موقعن سان زندگي بسر ڪري سگهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان لاءِ ??ند?? ويزن شموليت، اتحاد ۽ خوشحالي جو هو. جڏهن ا??ان ??ند?? سالگره جو ڏينهن ملهائي رهيا آهيون ته اچو قائداعظم جي ميراث مان سبق حاصل ڪريون ۽ انهن قدرن لاءِ پنهنجي وابستگي جو ورجاءُ ڪريون جن لاءِ قائداعظم جدوجهد ڪئي. پاڪستاني طور اسان جو اهو فرض آهي ته اسان پنهنجي قوم جي ترقي، خوشحالي ۽ اتحاد ل??ءِ اڻٿڪ محنت ڪريون.
قائداعظم محمدعلي جناح ناممڪن کي ممڪن بڻايو، سندس اڻٿڪ محنت عيوض اسان کي پيارو وطن پاڪستان مليو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ