اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پ?? پي) پاڪستان ۽ فرانس جي وچ ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي معاملن تي اسلام آباد ۾ نتيجاخيز مشاورت ٿي. ان مشاور?? جي گڏيل صدارت فرانسيسي پرڏيهي وزارت ۾ گڏيل قومن جي معاملن واري ڊائريڪٽر لي فريپر ڊوهيلن ۽ ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (گڏيل قومون ۽ او آءِ سي) سفير سيد حيدر شاهه ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ڌرين ٻطرفي تعاون، ڳالهه ٻولهه ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ گڏجي ڪم ??رڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان ۽ فرانس گهڻ رخي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ عالمي چئلينجز کي منهن ڏي?? جي لاءِ هڪ ٻئي سان تعميري طور تي رابطي ۾ رهندا.
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن