اس??ام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف واپار واري وزارت جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ نيشنل ايڪسپورٽ ڊي??لپمينٽ بورڊ جو اجلاس ايندڙ هفتي گهرائڻ ۽ بلوچستان جي سرحدي ضلعن جي لاءِ روزگار جا پائيدار موقعا وڌائڻ جي لاءِ فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. و??ير??عظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ واپار واري وزارت جي ڪارڪردگي جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. و??ير??عظم پنهنجي جاري ڪيل هدايتن جي تعميل تي واپار واري وزارت جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي پاڪستاني روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ نيشنل ايڪسپورٽ ڊي??لپمينٽ بورڊ جو اجلاس ايندڙ هفتي گهرائڻ جي هدايت ڪئي. هن بلوچستان جي سرحدي ضلعن جي لاءِ روزگار جا پائيدار موقعا پيدا ڪرڻ ۽ ملائيشيا کي پاڪستاني چانور جي برآمدات وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ قدمن جي پڻ هدايت ڪئي. و??ير??عظم چيو ??ه ملائيشيا جي و??ير??عظم داتوسري انور ابراهيم جي پاڪستان جي تازي دوري ۾ پاڪستان مان ملائيشيا کي چانور جي برآمدات وڌائڻ تي اتفاق ٿيو. هن هدايت ڪئي ته ملڪي روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان ۾ موجود خصوصي اقتصادي زونز کي فعال ڪيو وڃي ۽ انهن ۾ هوٽل، اسپتال، بزنس اسڪول ۽ ٻيون سروسز فراهم ڪيون وڃن. و??ير??عظم ڪڻڪ، ڪپهه، ڪمند، چانور، کاڄرو تيل ۽ ٻين وڏين فصلن جي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ ڪابينا جي خصوصي ڪميٽي جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي. بيان موجب ڪابينا ڪميٽي وڏين فصلن جي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ ما??رن جي راءِ تي ٻڌل سفارشون پيش ڪندي. اجلاس ۾ و??ير??عظم کي زرعي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ قدمن جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. و??ير??عظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ??ه روس سان بارٽر ٽريڊ تحت زرعي جنسن جي واپار جي لاءِ ٻن مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿي چڪيون آهن، تاجڪستان جي حڪومت پاڪستان سان ٽيڪسٽائيل جي شعبي ۾ تعاون ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو ??هي. اجلاس ۾ واپار وارو وفاقي وزير ??ام ڪمال خان، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، و??ير??عظم جو ڪوآرڊينيٽر راڻا احسن افضل ۽ لاڳاپيل ادارن جا آفيسر شريڪ هئا.
وزيراعظم پاران واپار واري وزارت جي ڪارڪردگي جي واکاڻ، روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ نيشنل ايڪسپورٽ ڊيولپمينٽ بورڊ جو اجلاس ايندڙ هفتي گهرائڻ ۽ بلوچستان جي سرحدي ضلعن جي لاءِ روزگار جا پائيدار موقعا وڌائڻ جي لاءِ فوري قدم کڻڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná