اسلام آباد-24 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وز??ر محسن نقوي بيلاروس جي 68 رڪني اعليٰ سطحي وفد جو اسلام آباد پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو. وفد ۾ بيلاروس جو پرڏيهي وز??ر، توانائي وارو وز??ر، صحت، عدل ۽ انصاف، مواصلات، قدرتي وسيلن، هنگامي حالتن وارن وز??ر سميت چيئرمين م??ٽر?? انڊسٽري ڪميٽي شامل آهن، وفد ۾ بيلاورس جي 43 وڏيون ڪاروباري شخصتيون به شامل آهن. گهرو وز??ر بيلاروس جي پرڏيهي وز??ر ميڪسم ريجنڪوف ۽ توانائي واري وز??ر سان ملاقات ڪئي. گهرو وز??ر چيو ته وفد کي اسلام آباد پهچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪا شينڪو جي اڄ اچڻ جا منتظر آهيون. گهرو وز??ر چيو ته بيلاروس جي صدر جو دورو ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ انتهائي اهم??ت رکندڙ آهي. پاڪستان بيلاروس سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. پاڪستان بيلاروس سان لاڳاپن کي مختلف شعبن ۾ اڳتي وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته دوري سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ صنعت ۽ واپار سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي هٿي ملندي.
گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي پاران بيلاروس جي 68 رڪني اعليٰ سطحي وفد جو اسلام آباد پهچڻ تي شاندار استقبال
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ