اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) جامع مسجد رياض الجنته و اسلامڪ ڪمپليڪس جي نگران ۽ ناليواري مخير شخصيت ڊاڪ??ر سهيل م??يد شيخ چيو آهي ته انسانيت جي خدمت ۽ معاشري جي پٺتي پيل طبقي جي ترقي سندس اولين مشن آهي. اي پي پي سان خصوصي انٽرويو ۾ هن چيو ته هڪ مهذب معاشري طور اسان کي هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ گهرجي، انسانيت اسان کي ضرورتمند?? جي سارسنڀال جو درس ڏي ٿ??. ڊ??ڪ??ر سهيل م??يد شيخ چيو ته گذريل 12 سالن کان هو ۽ سندس ادارو ايران ۽ عراق جي زائرين کي مفت طبي سارسنڀال فراهم ڪرڻ ۾ مصروف عمل رهيا آهن ۽ 20 کان وڌيڪ ملڪ?? جي ماڻه?? جي مدد ڪئي آهي. وڌيڪ اهو ته 2008ع کان هُن روات جي هڪ ڪاليج ۾ يتيمن، محروم ٻارن ۽ شهيد?? جي ٻارن کي مفت تعليم فراهم ڪرڻ جي خير جي ڪم جي شروعات ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته نثار فاطمه امين فائونڊيشن (اين ايف اي) جي تعاون سان اسان مستحق ٻار?? جي لاءِ ڪتاب، يونيفارم، اسڪول بيگ ۽ خوراڪ سميت مڪمل تعليمي مدد فراهم ڪري رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته اها ڪوشش ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ٿي ته شاگرد مالي بار کانسواءِ معياري تعليم حاصل ڪري سگهن. ڊاڪ??ر سهيل م??يد نوجوانن تي زور ڏنو ته اهي خدمت جي جذبي کي فروغ ڏين ۽ حقيقي ڪاميابي هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيڻ ۾ آهي. هن چيو ته ٻي?? جي مدد ڪرڻ انسانيت جو حقيقي پيغام آهي جيڪو نوجوانن کي سچي نيت سان ڪم ڪرڻ ۽ انسانيت جي احترام کي اختيار ڪرڻ جي ترغيب ڏي ٿو.
انسانيت جي خدمت ۽ معاشري جي پٺتي پيل طبقي جي ترقي اولين مشن آهي: ڊاڪٽر سهيل مجيد شيخ
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل