اسلام آباد-04 نومبر (اي پي ??ي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آهي ته ايڪسپو سينٽر لاهور ۾ منعقد ٿيل نمائش فوڊ اي جي مينوفيڪچرنگ ?? شرڪت لاءِ 5 نومبر تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي ??طابق 3 ڏينهن واري نمائش لاهور جي ايڪسپو سينٽر ۾ 5 کان 7 ڊسمبر تائين جاري رهندي جنهن ۾ فوڊ سپلاءِ چين سالوشن، فوڊ پروسيسنگ، فوڊ آٽوميشن اينڊ ڪنٽرول، ايگري ٽيڪ، فوڊ سيفٽي اينڊ ڪوالٽي، ليبلنگ ?? سپلاءِ جي اوزارن، ويئر هائوس مينيجمينٽ سسٽم سان لاڳاپيل ماڻهو ۽ ادارا پنهنجون مصنوعات عالمي خريدارن آڏو پيش ڪرڻ سان گڏ?? گڏ ڪاروباري معاملا طئي ڪري سگهندا. نمائش جي حوالي س??ن وڌيڪ تفصيل اٿارٽي جي ويب سائيٽ تان حاصل ڪري سگهجن ٿا.
مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável