اسلام آباد – 28 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 29 کان 30 آڪٽوبر تائين سع??دي عرب جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وزيراعظم رياض ۾ منعقد ٿيندڙ فيوچر انويسٽمينٽ ا??يش?? ايٽو جي اٺين ايڊيشن ۾ شرڪت ڪندو، ڪابينا جا اهم ميمبر پڻ وزيراعظم سان گڏ هوندا. فيوچر انويسٽمينٽ ا??يش?? ايٽو ملڪن جي لاءِ معاشي طاقت کي ظاهر ڪرڻ، غيرملڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۽ هڪ پائيدار مستقبل جي جوڙجڪ جي لاءِ مڪالمي ۾ مشغول ٿيڻ جي لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم جي طور تي ڪم ڪري ٿو. هن سال جي فيوچر انويسٽمينٽ ا??يش?? ايٽو جو ٿيم ”انفينيٽ هورائزنز: انويسٽنگ ٽو ڊي، شپنگ ٽو مور“ آهي جيڪو عالمي سيڙپڪاري تي ڌيان ڏيندو جنهن جو مقصد مصنوعي ذهانت، روبوٽڪس، تعليم، توانائي، خلا، ماليات، صحت جي سارسنڀال ۽ پائيداري جهڙن اهم مسئلن کي حل ڪرڻ آهي. بيان موجب وزيراعظم جي سع??دي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان ۽ ٻين اعليٰ سع??دي عملدارن سان اهم ٻطرفي ڳالهه ٻولهه متوقع آهي. ڌريون پاڪستان ۽ سع??دي عرب جي وچ ۾ اقتصادي ۽ تزويراتي حصيداري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون ۽ اقتصادي، توانائي ۽ دفاعي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون ??ي غور ڪنديون. وزيراعظم جي فيوچر انويسٽمينٽ ا??يش?? ايٽو جي اٺين ايڊيشن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ اڳواڻن ۽ ڪاروباري ماڻهن سان ملاقات پڻ متوقع آهي.
وزيراعظم 29 کان 30 آڪٽوبر تائين سعودي عرب جو سرڪاري دورو ڪندو
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں