اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري ??فا??ي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته ??فا??ي ڪابينا 26 هين آئيني ترميم جي مسودي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ان ۾ ??يف جسٽس جي مقرري جو طريقيڪار واضح ڪيو ويو آهي، ??يف جسٽس جي مقرري جو اختيار وزيراعظم استعمال نه ڪندو پر هن پنهنجو اختيار پ??رل??امينٽ کي سونپي ڇڏيو آهي، 12 رڪني ڪميٽي نالا فائنل ڪري وزيراعظم ڏانهن موڪليندي، ??يف جسٽس رٽائرمينٽ تائين يا ٽن سالن تائين ??يف جسٽس ره?? سگهندو، آئيني ترميمي مسودي ۾ جي يو آءِ جون پنج تجويز ڪيل ترميمون پهريان ئي موجود هيون. هو آچر ڏينهن پ??رل??امينٽ هائوس ٻاهران ??فا??ي وزير عطا تارڙ سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائي ره??و هو. قانون واري وزير، اعظم نذير تارڙ ٻڌايو ته ??فا??ي ڪابينا مان منظوري کانپوءِ 26 هين آئيني ترميم پ??رل??امينٽ ۾ پيش ڪرڻ وڃي ره??ا آهيون، هي اهو ئي مسودو آهي جيڪو خصوصي پ??رل??اماني ڪميٽي اتفاق راءِ سان منظور ڪيو هو. پاڪستان مسلم ليگ (ن)، پ پ پ، استحڪام پاڪستان پارٽي، عوامي نيشنل پارٽي، ايم ڪيو ايم، مسلم ليگ ضيا، بلوچستان عوامي پارٽي ۽ نيشنل پارٽي سميت ٻين اتحادي پارٽين مختلف وقتن ۾ خصوصي پ??رل??اماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ اتفاق راءِ ڪيو آهي. پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جون ڪوششون هيون، هن نه رڳو اتحادي پارٽين پر جي يو آءِ سميت سمورين مخالف ڌر پارٽين سان ڳالهه ڪئي آهي. هن چيو ته لاهور، ڪراچي ۾ مولانا فضل الرحمان جي قانوني ٽيم سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي، ان ۾ وسيع اتفاق راءِ ٿيو، ان کانپوءِ اتحادي پارٽين کي اعتماد ۾ ورتو آهي. هن چيو ته جي يو آءِ پاڪستان جيڪي پنج ترميمون تجويز ڪيون هيون اهي پهريان ئي مسودي ۾ شامل هيون. ان ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جون رپورٽون، شريعت ڪورٽ جي وياج جي حوالي سان فيصلا ۽ ٻيا معاملا آهن، جيڪڏهن فلور تي جي يو آءِ آڻيندي ته ان تي غور ڪيو ويندو. هن چيو ته آئيني بينچن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي سطح تي ۽ صوبن ۾ ميڪانزم جوڙيو ويو آهي، صوبن ۾ آئيني بينچن جي لاجسٽڪ تياري ضروري آهي، صوبن جون اسيمبليون مجموعي ميمبرن جي 51 سيڪڙو سان قرارداد منظور ڪن ته اتي صوبائي آئيني بينچ جڙي سگه??دي. آئيني بينچن جي جوڙجڪ جو اختيار ??يف جسٽس جي سربراهي ۾ جڊيشل ڪميشن وٽ هوندو. ججن جي مقرري ۽ ڪنفرميشن 18 هين ترميم کانپوءِ جڊيشل ڪميشن ڪري ٿو، جڊيشل ڪميشن جي نئين شڪل اها آهي ته ??يف جسٽس سپريم ڪورٽ، چار سينئر جج سپريم ڪورٽ، چار پ??رل??امينٽرين، قانون وارو وزير ۽ اٽارني جنرل ان جو حصو هوندا، صوبائي جڊيشل ڪميشن ۾ ڪا به تبديلي ناهي آندي وئي. ججن جي ڪارڪردگي، صوبي جي ??يف جسٽس، سينئر جج، صوبائي قانون وارو وزير حصو ره??دا، ڪارڪردگي جي سڃاڻپ به شامل ڪئي وئي آهي. جڊيشل ڪميشن کي اختيار هوندو ته هو رولز ٺاهي هڪ طريقيڪار جوڙي، جڊيشل ڪميشن ??يف جسٽس ۽ صوبائي هاءِ ڪورٽ جي ??يف جسٽس سان گڏجي ججن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺي سگهندا. قانون واري وزير چيو ته ڪميشن ججز جي پيشيوراڻي صلاحيت جي باري ۾ پنهنجي رپورٽ ڏي??دي. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ پنج پنج ٽيڪينڪل ايڊوائيزر آئين تحت لڳائي سگهجن ٿا. ??يف جسٽس جي مقرري ان پيڪيج جو حصو آهي، ??يف جسٽس لاءِ ٽن سينئر ججن جا نالا ويندا، انهن مان ??يف جسٽس مقرر ڪيو ويندو. اهو اختيار وزيراعظم استعمال نه ڪندو پر هن پنهنجو اهو اختيار پ??رل??امينٽ حوالي ڪري ڇڏيو آهي. 12 رڪني ڪميٽي جنهن ۾ 8 ايم اين اي، 4 سينيٽر هوندا نالا فائنل ڪري وزيراعظم کي موڪلي??دي. هن چيو ته ??يف جسٽس جو مدو رٽائرمينٽ تائين يا ٽي سال مقرر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اسان 6 مهينن ۾ وڏي محنت ڪئي آهي، 100 ترميمن تي ٻڌل ٽرائل ۾ دير، ايف آءِ آر، ضمانت، اخراج، ماهرن جي رپورٽن سميت 150 سالن کان رڪيل شين کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اهو مسودو ايندڙ ڏينهن ۾ پ??رل??امينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.
وفاقي ڪابينا 26 هين آئيني ترميم جي مسودي جي منظوري ڏئي ڇڏي: اعظم نذيرتارڙ
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات