اسلام آباد-31 آڪٽوبر (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار محمد اياز صادق هندو برادري کي ڏياريءَ جون مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ترسيل سم??رن شهرين کي بر??بر حق حاصل آهن. گذريل ڏينهن جاري ڪيل پيغام ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر هندو برادري لاءِ ڏياري جي ڏڻ جي موقعي تي پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته ڏياري س??ني لاءِ روشنين، امن ۽ خوشيءَ جو پيغام آهي. ملڪ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ اقليتي برادري جون ڪوششون تعريف جوڳيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو آئ??ن اقليتن جي تحفظ جي مڪمل ضمانت فراهم ڪري ٿو. پارليامينٽ اقليتن جي بهتري ۽ سندن حقن جي تحفظ لاءِ هميشه قدم کنيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ س??ني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ