اسلام آباد-24 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فلسطينين جي پنهنجي سر زمين تان زبردستي بيدخلي ۽ ٻارن جي غذائي کوٽ سان واڳيل ان??اني معاملن تي گڏيل قومن جي اداري (او سي ايڇ اي) جي تازي رپورٽ تي عالمي برادري کان فوري قدم کڻڻ جو ??طالبو ڪندي چيو آهي ته ان??انيت خلاف ڏوهه ڪندڙ اسرائيلي رياست کي ڪٽهڙي ۾ نه بيهاريو ويو ته عالمي ادارو پاڻ ڪٽهڙي ۾ بيٺل هوندو. عالمي ادارن جون رپورٽون اسرائيل خلاف سنگين فرد جرم آهن.وزيراعظم ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته گڏيل قومون جي تازي رپورٽ خوفناڪ ۽ معصوم فلسطينين جي نسل ڪشي جي اسرائيلي ڏوهه جو تازو ثبوت آهي. گڏيل قومن جي رپورٽ شاهدي ڏئي رهي آهي ته ڪ?? به ڏينهن اهڙو ناهي جنهن ۾ بي گناهه فلسطينين جو رت نه وهايو ويو هجي. وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن جي رپورٽ ٻڌائي رهي آهي ته اسرائيل جو سڀ کان وڏو نشانو فلسطيني ٻار بڻجي رهيا آهن، صاف نظر اچي رهيو آهي ته اسرائيل فلسطينين جو ??سل ختم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته فلسطينين جي نسل ڪشي جو سلسلو شروع ٿئي 322 ڏينهن گذري ويا آهن. آگسٽ جي مه??ني ۾ اڍائي لک فلسطينين جي سندن گهرن مان زبردستي بي دخلي عالمي ادارن، عالمي ضمير ۽ عالمي قانون لاءِ چئلينج آهي. وزيراعظم چيو ته صرف ٻن ڏينهن ۾ 146 فلسطينين کي پنهنجي گهرن مان ناحق بي دخلي سان اسرائيل جي ظلم جي رفتار جو ان??ازو لڳائي سگهجي ٿو، گڏيل قومن جي اداري جي رپورٽ مان تصديق ٿئي ٿي ته هڪ پاسي خطرناڪ هٿيارن سان فلسطينين جي نسل ڪشي جاري آهي ته ٻئي پاسي بک کي هٿيار طور استعمال ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته اتر غزه ۾ صرف هڪ سيڪڙو ۽ ڏاکڻي علائقي ۾ چار سيڪڙو ٻارن کي خوراڪ ملي رهي آهي، اسرائيل هوائي، زميني ۽ سامونڊي رستي باهه ۽ بارود وسائي عام فلسطينين جي قتل کي تيز ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم چيو ته ان??انيت خلاف ڏوهه ڪندڙ اسرائيلي رياست کي ڪٽهڙي ۾ نه بيهاريو ويو ته عالمي ادارو پاڻ ڪٽهڙي ۾ بيٺل هوندو، عالمي ادارن جون رپورٽون اسرائيل خلاف سنگين فرد جرم آهن، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ان??انيت جي قاتلن کي سزا ڏني وڃي، مظلومن جو تحفظ ڪيو وڃي، پاڪستان فلسطينين خاص طور تي ٻارن لاءِ خوراڪ جي فراهمي کي وڌيڪ تيز ڪندو.
انسانيت خلاف ڏوهه ڪندڙ اسرائيلي رياست کي ڪٽهڙي ۾ نه بيهاريو ويو ته عالمي ادارو پاڻ ڪٽهڙي ۾ بيٺل هوندو، عالمي ادارن جون رپورٽون اسرائيل خلاف سنگين فرد جرم آهن: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار