اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير س??ني??ر محمد اسحاق ڊار اڱاري ڏين??ن تهران جو دورو ڪيو ۽ ايران جي نئين چونڊيل صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان جي حلف برداري واري تقريب ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ??ائب وزيراعظم تهران جي دوري دوران ايران جي نئين صدر کي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران عهدو سنڀالڻ تي مبارڪب??د ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. ترجمان چيو ته ??حمد اسحاق ڊار ايران جي نئين سياسي انتظاميا کي اقتدار جي ڪامياب منتقلي تي ايراني قوم کي مبارڪب??د ڏني. ترجمان چيو ته ??ائب وزيراعظم نئين ايراني انتظاميا ۽ اسلامي جمهوريه ايران سا?? لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جي حمايت ۽ يڪجهتي جو پڻ اظهار ڪيو. ترجمان چيو ته ڊاڪٽر پيز شڪيان مبارڪباد واري پيغام کي ساراهيندي چيو ته ??اڙيسري ملڪ هجڻ جي حيثيت سا?? ايران پاڪستان سا?? سٺي لاڳاپن جي لاءِ پرعزم آهي.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ايران جي نئين چونڊيل صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان جي حلف برداري واري تقريب ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز