اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته ازبڪستان جو پرڏيهي وزير بختيار سيدوف اڄ خميس ??ين??ن صدر آصف علي زردار سان ملاقات ڪندو، هو عسڪري قيادت سان پڻ ??لاقات ڪندو. پريس بريفنگ ۾ ترجمان چيو ته ازبڪستان جو پرڏيهي وزير هن وقت سرڪاري دوري تي پاڪستان ۾ آهي ۽ هن گذريل ??ين??ن وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي. ترجمان چيو ته ازبڪ پرڏيهي وزير واپار، واري وزير، نجڪاري واري وزير ۽ مواصلات واري وزير کانسواءِ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير سان پڻ گڏيل ملاقات ڪئي. هن چيو ته هيستائين ٿيندڙ ملا??ات?? ۾ ڌرين پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ گهڻ رخي ۽ مضبوط حصيداري جو ورجاءُ ڪيو ۽ گڏيل قوم، ايس سي او ۽ او آءِ سي جهڙن گهڻ رخي فورمز تي ويجهي سيڪيورٽي ۽ دفاعي تعاون ۽ مضبوط رابطن کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ترجمان چيو ته ڌرين پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ اقتصادي تعاون، واپار، سيڙپڪاري ۽ رابطن کي وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ۽ ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان ريلويز پراجيڪٽ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
ازبڪستان جو پرڏيهي وزير صدر ۽ عسڪري قيادت سان ملاقات ڪندو: پرڏيهي آفيس ترجمان
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹرائزڈ لاٹری