اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف يورپي يونين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو آهي ته يورپي يونين پاڪ??تا?? ۾ مختلف شعبن ۾ اهم سڌارن جي لاءِ مشاورت ۽ مهارت فراهم ڪرڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ??ري سگهي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪ??تا?? ۾ يورپي يونين جي سفير ايمبيسڊر رينا ڪيونڪا ملاقات ڪئي. وزيراعظم پنهنجي ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد جي پيغامن تي يورپي يونين جي اڳواڻن جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم يورپي يونين جي سفير سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته هو يورپي يونين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهن. هن چيو ته پاڪ??تا?? جا يورپي يونين سان د??ست??ڻا ۽ خوشگوار لاڳاپا آهن. هن ٻنهي طرفن جي وچ ۾ موجوده اداراجاتي حڪمت عملي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم جي ايس پي پلس اسڪيم جي حوالي سان پاڪ??تا?? جي لاءِ يورپي يونين جي مسلسل ??مايت کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪ??تا?? ۾ مختلف شعبن ۾ اهم سڌارن جي لاءِ مشاورت ۽ مهارت فراهم ڪرڻ جي لاءِ يورپي يونين اهم ڪردار ادا ??ري سگهي ٿي. يورپي يونين جي سفير وزيراعظم کي ٻنهي طرفن جي وچ ۾ تعاون جي مختلف قدمن بابت آگاهه ڪيو جن ۾ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ چرپر جي معاملن ۽ پاڪ??تا?? ۾ ڪم ڪندڙ يورپي ڪاروبارن کي سهولت فراهم ڪرڻ شامل آهي. ملاقات ۾ پاڪ??تا?? مان يورپي يونين جي ملڪن جي لاءِ اڏامن جي بحالي تي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
وزيراعظم پاران يورپي يونين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش