ڪراچي – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دنيا ۾ ڪاميابي جي لاءِ پاڻڀرائپ کي لازمي قرار ڏيندي ان اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ته پاڪ??تا?? ترقي ڪندو ڇو ته پاڪ??تا?? ۾ باصلاحيت افرادي قوت جي ڪا کوٽ نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بحريه آڊيٽوريم ۾ پاڪ??تا?? نيوي انجنيئرنگ ڪاليج (پي اين اي سي) جي 35 هين ڪانووڪيشن کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ريڪٽر نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) ليفٽيننٽ جنرل (ر) محمود ۽ ڪمانڊر ڪراچي ريئر ايڊمرل محمد سليم پڻ موجود هئا. ڪانووڪيشن دوران غيرملڪي شاگردن س??يت مجموعي طور تي 368 گريجوئيٽس کي بيچلرز ۽ پوسٽ گريجوئيٽ جون ڊگريون ڏنيون ويون. صدر شاگردن کي انهن جي شاندار ڪارڪردگي تي 39 ميڊلز سان پڻ نوازيو. ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪ??تا?? جي ترقي ڪندڙ صنعت کي معياري انجنيئرز فراهم ڪرڻ ۽ تعليم جي اعليٰ معيار کي برقرار رکڻ جي لاءِ پي اين اي سي جي ڪوششن کي ساراهيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مصنوعي ذهانت ۽ روبوٽڪس جهڙين اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي ڏس ۾ پي اين اي سي جي ذميواري وڌيڪ وڌي وئي آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ??سٽ پي اين اي سي ملڪ جي موجوده انجنيئرنگ جي ضرورتن کي پورو ڪندي انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي جو سڀ کان وڏو ادارو هجڻ جو اعزاز برقرار رکندو. صدر فارغ ٿيندڙ شاگردن ۽ انهن جي والدين کي مبارڪباد ڏني ۽ فارغ ٿيندڙ شاگردن کي مشورو ڏنو ته اه?? هڪ مضبوط ۽ خوشحال پاڪ??تا?? جي تعمير جي لاءِ معاشري جو فعال ميمبر بڻجن ۽ ٽيڪنالاجي ۾ بدلجندڙ ترقي کان پاڻ کي باخبر رکن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي شاگردن پاران ڊگرين جي تڪميل کي شاگردن جي لاءِ علم جا ??رو??زا کولڻ جي برابر قرار ڏيندي چيو ته انهن کي وڌ کان وڌ سکڻ گهرجي. ان کان اڳ ڪمانڊنٽ پي اين اي سي ڪموڊور توقير احمد خواجه ٻڌايو ته پي اين اي سي پنهنجي شاگردن کي ڪيترن ئي شعبن ۾ انجنيئرنگ جي بهترين تعليم فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي. وڌيڪ اه?? ته هن اداري مان فارغ ٿيندڙ شاگردن جي قومي ۽ عالمي سطح تي ڪاميابين کي اجاگر ڪندي نوجوان انجنيئرز کي تيار ڪرڻ جي لاءِ مختلف فورمز تي فراهم ڪيل موقعن تي روشني وڌي. تقريب ۾ فوجي ۽ سول معززين ۽ فارغ ٿيندڙ شاگردن جي والدين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.
پاڪستان ترقي ڪندو ڇو ته پاڪستان ۾ باصلاحيت افرادي قوت جي ڪا کوٽ نه آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا