اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جو اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل (سياسي) ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي لاءِ خصوصي نمائندو يوسف ??لد??بي پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چي?? ته گذريل ڏينهن هن پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي سان ملاقات ڪئي ۽ ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (گڏيل ??ومون) جي سفير سيد حيدر شاهه سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي سان پڻ ملاقات ڪئي. ترجمان چي?? ته خصوصي نمائندو يوسف ??لد??بي اڄ پاڪستان جي نگران وزيراعظم ۽ نگران پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪندو، هو آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو پڻ ڪندو. هن چي?? ته هي دورو مارچ 2022ع جي ايڪشن پلان موجب آهي جيڪو او آءِ سي رابطا گروپ ڄمون ۽ ڪشمير تي اختيار ڪيو آهي جنهن ۾ ڄ??ون ۽ ڪشمير بابت خصوصي ايلچي کي زميني صورتحال بابت معلومات حاصل ڪرڻ جي لاءِ خطي جي سالياني دورن جو اهتمام ڪرڻ جو مينڊيٽ ڏنو ويو ه?? ته جيئن هو پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل کي پنهنجي مشاهدن جي رپورٽ پيش ڪري.
اسلامي تعاون تنظيم جو اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل (سياسي) ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي لاءِ خصوصي نمائندو پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آهي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná