اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان پاڪستان لانگ رينج فيلڊ ٽارگيٽ رائيفل ٽيم جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صدر پاڪستاني رائيفل ٽيم کي برطانيا ۾ ٿيندڙ يورپي لانگ رينج رائيفل چي??پئن شپ 2023ع کٽڻ تي مبارڪباد ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي ليفٽيننٽ جنرل احسن گلريز ۽ ڪرنل جنيد وقاص کي چاندي جو تمغو جڏهن ته ڪرنل جنيد علي کي ٽامي جو تمغو کٽڻ تي خصوصي مبارڪباد ڏني. هن چي?? ته پاڪ فوج جي ٽيم عالمي سطح تي رائيفل شوٽنگ جي مقابلي ۾ بهترين ڪا??ڪردگي جو مظاهرو ڪيو، پاڪستاني رائيفل ٽيم يورپين چي??پيئن شپ کٽڻ تي ساراهه جي لائق آهي. صدر چي?? ته پاڪستان ۾ مختلف راندين کي فروغ ڏيڻ ۽ حوصلا افزائي جي ضرورت آهي. هن پاڪستاني رائيفل ٽيم جي لاءِ مستقبل ۾ پڻ ڪاميابي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون