برسلز – 15 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ يو??پي يونين پا??لي??ماني تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، ان حوالي سان مفاهمت پرڏيهي معاملن واري ممل??تي وزير حنا رباني کر ۽ يو??پي يونين ڏکڻ ايشيا بابت وفد جي ملڪن سان لاڳاپن جي سربراهه نڪولا پروڪاسيني جي وچ ۾ برسلز ۾ ملاقات دوران طئي ٿي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ممل??تي وزير حنا رباني کر زور ڏنو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ استحڪام عالمي امن جي لاءِ لازمي آهي، ممل??تي وزير ڏکڻ ايشيا بابت ٽريڊ مانيٽرنگ جي نمائندي ۽ انساني حقن جي سب ڪميٽي جي ميمبر ڪراميڪس سان پڻ نتيجاخيز خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن يو??پي پا??لي??مينٽ جي نائب صدر ۽ نئين جي ايس پي پلس جي نمائندي هيڊي بائوتالا سان پڻ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته جي ايس پي پلس پائيدار ترقي جي هدفن جي لاءِ هڪ موثر ذريعو آهي. ان جو پاڪستان ۽ يو??پي يونين جي وچ ۾ واپار خاص طور تي نوڪرين جي موقعن، روانگي واپار ۾ اضافي ۽ ٺوس ترقي تي تمام گهڻو اثر پوي ٿو. حنا رباني کر انٽرنيشنل ٽريڊ ڪميٽي جي سربراهه برنڊ لينج سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ ايندڙ جي ايس پي پلس اسڪيم ۽ پاڪستان جي موقف تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. انساني حقن جي ذيلي ڪميٽي جي وائيس چيئرمين يو??پي پا??لي??مينٽ برنارڊ گوئٽا سان ملاقات ۾ ممل??تي وزير کيس ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين بابت آگاهه ڪيو ۽ يوڪرين ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئ??. ٻ??هي ڌرين مستقبل ۾ رابطا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.
پاڪستان ۽ يورپي يونين پارلياماني پاران تعاون وڌائڻ تي اتفاق، مملڪتي وزير حنا رباني جون يورپي يونين جي عهديدارن سان ملاقاتون
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ