ٽوڪيو – 03 –جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ جاپان هڪ مضبوط ۽ موثر انفراسٽرڪچر نيٽ ورڪ جوڙي علائقائي رابطن کي فروغ ڏئي سگهن ٿا جنهن سان نه رڳو ٻنهي ملڪن پر پوري خطي ۾ واپاري ڪاٿي کي وڌائي سگهجي ٿو، پاڪستان ۽ جاپان هڪ مستحڪم، محفوظ ۽ خوشحال افغانستان ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ايشين ڊيولپمينٽ بئنڪ انسٽيٽيوٽ ۾ ”ايشيائي ڏس ۾ پاڪستان ۽ جاپان“ جي موضوع تي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ جاپان ايشيا کنڊ جي مختلف ڪنڊن ۾ موجود آهن جڏهن ته خطي جي لاءِ انه?? جي موقف ۽ ويزن ۾ هم آهنگي ڏٺي وڃي ٿي. هن چيو ته پاڪستان کي هڪ اسرندڙ ملڪ طور تي سنگين اقتصادي ۽ ماحولياتي چئلينجز درپيش آهن، پاڪستان وٽ سرد جنگ جي طرز جي بلاڪ سياست جي لاءِ وقت نه آهي، اسان پنهنجي 230 ملين ماڻهن کي روزگار ۽ خوشحالي جي فراهمي تي ڌيان ڏيڻ چاهيون ٿا. پرڏيهي وزير چيو ته اسان وچ ۽ ڏکڻ ايشيا جي سنگم تي پنهنجي اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ مان فائدو کڻندي اقتصادي رابطن کي فروغ ۽ واڌويجهه جي شرح کي وڌائي سگهون ٿا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو پاڪ چين اقتصادي لنگهه کي بهتر رابطي جي لاءِ ان ويز?? جو هڪ اهم حصو سمجهي ٿو، پاور سيڪٽر ۾ چيني سيڙپڪاري پاڪستا?? جي لاءِ ان وقت ڪارائتي ثابت ٿي جڏهن سڄي ملڪ ۾ بجلي جي بندش درپيش هئي جنهن صنعتن کي مفلوج ڪري ڇڏيو هو. هن چيو ته سي پيڪ ۽ ٻين چيني منصوب?? جي نتيجي ۾ پاڪستا?? جي صنعتي، زرعي ۽ توانائي جي شعبن ۾ پيدا ٿيندڙ موقعا ڪنهن هڪ ملڪ جي لاءِ مخصوص نه آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جاپاني فرمن کي پاڪستان ۾ ڪاميابي ۽ منافعي سان ڪم ڪرڻ جو تجربو آهي، بنيادي ڍانچي جي تعمير ۾ انه?? جي مهارت ڪنهن کان پٺتي نه آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ جاپا?? جي وچ ۾ اقتصادي تعاون وسيع ۽ گهڻ رخو آهي جنه?? جي نتيجي ۾ گڏيل خوشحالي ۽ ترقي ٿي سگهي ٿي، ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، زراعت، بنيادي ڍانچي ۽ خدمتن ۾ تعاون جا تمام گهڻا امڪان آهن. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ جاپا?? جي وچ ۾ هڪ ٻي هڪجهڙي حيثيت به ساڳي آهي ڇو ته ٻنهي وٽ اهم ۽ ڏورانهن سامونڊي مفاد رکندڙ سامونڊي رياستون آهن. هن چيو ته پاڪستان کي ڊگهي عرصي کان عربي سمنڊ جي سيڪيورٽي ۾ هڪ ڌر طور تسليم ڪيو ويو آهي جنه?? جو ثبوت اهو آهي ته پاڪستان گهڻ قومي ڪمبائنڊ ٽاسڪ فورس 150 جي ڪيترائي ڀيرا قيادت ڪئي آهي، پاڪستا?? جي معاشي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ بليو ا??ان??مي جي ترقي تمام ضروري آهي، اسان جاپا?? جي مدد سان ان شعبي ۾ تمام گهڻو اڳتي وڃڻ جي اميد ڪريون ٿا. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ان ڳالهه کان چڱي ريت آگاهه آهي ته جيستائين ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام قائم نه ٿيندو ان وقت تائين علائقائي رابطن ۽ واپار جي خواهش پوري نه ٿيندي. هن چيو ته پاڪستا?? جو موقف سدائين واضح رهيو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ ان وقت تائين امن قائم نه ٿو ٿي سگهي جيستائين خطي جو بنيادي تڪرار ڄمون ۽ ڪشمير ڳالهه ٻولهه ذريعي، گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ عالمي قانون?? جي اصولن موجب حل نه ٿو ٿي وڃي. هن چيو ته پاڪستان سدائين ان تڪرار جي حل لاءِ ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته پاڪستان وٽ ڏکڻ ايشيا ۾ ام?? جي لاءِ ڪو حصيدار نه آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت مذهبي جنو?? جي لپيٽ ۾ آهي جنهن ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ام??ان?? کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اها ڳالهه حيرت انگيز ۽ مايوس ڪندڙ آهي ته ڪشمير ۾ ڀارت جي ظلم ۽ ڏاڍ ۽ هڪ تمام ننڍي پاريسري جي خلاف ا?? جي اشتعال انگيزين تي عالمي برادري خاموش آهي. افغانستان بابت هن چيو ته پاڪستان ۽ جاپان جا افغانستان ۾ هڪ جهڙا مفاد آهن، افغانستا?? جي امن ۽ استحڪام ۾ ٻنهي ملڪن جا مفاد آهن، جاپان افغانستا?? جي سڀ ک??ن مستحڪم اقتصادي حصيدارن مان هڪ رهيو آهي جنه?? جي تاريخ ان وقت کان آهي جڏهن هن افغانستا?? جي نئين سر تعمير جي لاٰ 2002ع ۾ ٽوڪيو ??ان??رنس جي ميزباني ڪئي هئي. هن چيو ته تازو ئي جاپان افغان عوام کي اهم امداد فراهم ڪئي آهي ڇو ته هو سنگين انساني ۽ معاشي بحران?? جو شڪار آهي، پاڪستان ۽ جاپان هڪ مستحڪم، محفوظ ۽ خوشحال افغانستان ۾ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ترقياتي امداد ۾ جاپا?? جي مهارت ۽ افغانستان سان پاڪستا?? جي جاگرافيائي ويجهڙائپ انساني امداد جي فراهمي ۽ پائيدار ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جا موقعا پيدا ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته علائقائي قدمن تي تعاون ڪندي پاڪستان ۽ جاپان سارڪ جي ترقي کي پڻ متحرڪ ڪري سگهن ٿا، گڏيل ڪوششون ويجهي تعاون کي فروغ ڏيڻ، علائقائي استحڪام کي وڌائڻ ۽ سارڪ جي ميمبر ملڪ?? جي غيراستعمال ٿيل صلاحيتن کي کولڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿيون جنهن سان پوري خطي جي لاءِ گڏيل ترقي ۽ خوشحالي ٿيندي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ جاپان علائقائي اهميت جي مسئلن خاص طور تي تڪرار?? جي حل، غربت جي خاتمي، موسمياتي تبديلين ۽ عالمي صحت جي بابت پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته گذريل سال پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ اهو ثابت ڪيو ته پاڪستان دنيا جي سڀ ک??ن وڌيڪ موسمياتي خطرن ۾ ورتل ملڪن مان هڪ آهي، ان قدرتي آفت کانپوءِ پاڪستان عالمي ڌيان انهن ملڪ?? جي خراب حالت طرف ڇڪرايو جيڪي موسمياتي تبديلي?? جو شڪار آهن، اسان نومبر 2022ع ۾ شرم الشيخ ۾ منعقد ڪوپ – 27 ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ قائم ڪرڻ کي ڪاميابي سان اڳتي وڌائڻ ۾ جي – 77 ملڪ?? جي قيادت ڪئي. هن چيو ته اسان ??ان??رنس ۾ شامل ٿيڻ ۽ پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي لاءِ 77 ملين ڊالر جي امداد جي عزم تي جاپان جا ٿورائتا آهيون. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستا?? جو ڳاڻيٽو دنيا جي سڀ ک??ن وڌيڪ زلزلي سٽيل ملڪن ۾ ٿئي ٿو، پاڪستان ۾ ڪيترين ئي فالٽ لائينز ان کي خاص طور تي زلزل?? جي لاءِ حساس بڻائين ٿيون. هن چيو ته يقينن جاپان پنهنجي شروعاتي تنبيهه واري نظام ۽ آفت?? جي خطري کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش?? جي لاءِ مشهور آهي، پاڪستان کي ان حوالي سان جاپا?? جي تجربي ۽ مهارت مان سکڻ جي اميد آهي. هن چيو ته ٻين ايشيائي ملڪن وانگر پاڪستان ٽيڪنيڪل انٽرن ٽريننگ پروگرام ۽ جاپا?? جي مخصوص هنرمند ورڪرز پروگرام مان فائدو کڻڻ چاهي ٿو، پاڪستان مان جاپان کي هنرمند ليبر جي برآمد جاپا?? جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، پاڪستان وٽ انتهائي هنرمند پيشيور ماڻهو وڏي انگ ۾ آهن. پرڏيهي وزير ايشيائي ترقياتي بئنڪ کي پڻ ساراهيو جنهن ايشيائي ملڪ?? جي ترقي ۽ مالياتي ادارن کي ٺاهڻ ۾ ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته انسٽيٽيوٽ جي لاءِ جاپا?? جي حمايت ان امداد سان هڪ جهڙائي رکي ٿي جيڪا جاپان ايشيائي ملڪن بشمول پاڪستان کي ا?? جي ترقي جي سفر کي اڳتي وڌائڻ ۾ فراهم ڪئي آهي.
پاڪستان ۽ جاپان مضبوط ۽ موثر انفراسٽرڪچر نيٽ ورڪ جوڙي علائقائي رابطن کي فروغ ڏئي سگهن ٿا: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل