پيرس – 22 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ انهن جي ٻيهر آبادڪاري اسان جي اولين ترجيح آهي، ڪوپ – 27 ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي اسرندڙ م??ڪن جي مالياتي مدد جي لاءِ استعمال ۾ آندو وڃي، مو??مي??تي انصاف سان گڏ اسرندڙ م??ڪن سان عالمي مالياتي وسيلن جي ورڇ ۾ پڻ منصفاڻو رويو گهربل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن ج?? سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات نئين عالمي مالياتي معاهدي بابت عالمي سربراهي اجلاس جي موقعي تي ٿي. وزيراعظم گڏيل قومن ج?? سيڪريٽري جنرل جي شاندار آجيان ڪئي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. گڏيل قومن ج?? سيڪريٽري جنرل وزيراعظم جي جوابي خيرسگالي جي پرجوش جذبن سان آجيان ڪئي. ملاقات ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم چيو ته توهان کي پاڪستان جو محسن تصور ڪريون ٿا، ٻوڏ جي موقعي تي توهان جي مدد وساري نه ٿا سگهون، مو??مي??تي تبديلين سان پاڪستان م ٿيندڙ تباهي جا توهان اکين ڏٺا شاهد آهيو. وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي بحالي جي قدمن بابت سيڪريٽري جنرل کي آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ انهن جي ٻيهر آبادڪاري اسان جي اولين ترجيح آهي ۽ رهندي. هن چيو ته مو??مي??تي تبديلين سان اسرندڙ م??ڪن تي معاشي دٻاءُ وڌيڪ وڌي ويو آهي، اسرندڙ م??ڪن ۾ واڌويجهه جي شرح وڌائڻ ۽ مالياتي توازن برقرار رکڻ ۾ نوان مسئلا درپيش آهن. هن چيو ته ڪوپ – 27 ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي اسرندڙ م??ڪن جي مالياتي مدد جي لاءِ استعمال ۾ آندو وڃي، نئين عالمي مالياتي معاهدي جي لاءِ پيرس ۾ سربراهي ڪانفرنس ه?? سٺي ۽ صحيح رخ ۾ شروعات آهي. هن چيو ته مو??مي??تي انصاف سان گڏ اسرندڙ م??ڪن سان عالمي مالياتي وسيلن جي ورڇ ۾ پڻ منصفاڻو رويو گهربل آهي. گڏيل قومن ج?? سيڪريٽري جنرل ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ وزيراعظم ۽ ان جي حڪومت جي جذبي کي ساراهيو.
ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ انهن جي ٻيهر آبادڪاري اسان جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا