اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عمان جي سلطان هيثم بن طارق بن تيمور آل سعيد سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ کيس عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف عمان جي سلطان هيثم بن تيمور آل سعيد کي ٽيليفون ڪيو ۽ عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي نيڪ خواهشن جو اظه??ر ڪيو. وزيراعظم پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن، خاص طور تي اسٽريٽجڪ، اقتصادي ۽ واپاري شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي حوالي سان بي پناهه امڪانن کي اجاگر ڪيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي هن ٻنهي سامونڊي پاڙيسرين جي وچ ۾ اداراجاتي ۽ اقتصادي رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. عمان جي سلطان وزيراعظم جي عيد جي مبارڪباد جو گرمجوشي سان جواب ڏنو ۽ پاڪستاني عوام جي ??اء?? نيڪ خواهشن جو اظه??ر ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل مقصدن ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي ترقي ۽ خوشحال جي ??اء?? ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ??اء?? گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
وزيراعظم جو عمان جي سلطان سان ٽيليفونڪ رابطو، عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی قیمت