بيجنگ-03 مارچ (اي پي پي) چ??ن جي پرڏيهي وزارت يوڪرين بحران کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي يوڪرين بحران جي سياسي حل تي ”چ??ن جو موقف“ جي عنوان سان هڪ جامع دستاويز جاري ڪيو آهي. ان حوالي سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ترجمان ڊيجارڪ جو چوڻ هو ته چيني حڪومت طرفان تجويز ڪيل پروگرام هڪ اهم خدمت آهي، جنهن ۾ ايٽمي هٿيارن جي استعمال يا استعمال جي ڌمڪي جي مخالفت جي تجويز خاص طور تي اهم آهي. ان کانسواءِ ڪيترن ئي يورپي ملڪن جي سياسي ماهرن تازو ئي ان دستاويز تي مثبت تبصرا ڪيا آهن. سربيا جي ا??وڻي پرڏيهي وزير ايوان مرڪ چيو ته چين هن وقت هڪ انتهائي اهم دستاويز جاري ڪيو جنهن ۾ جنگ بندي ۽ جنگ جي خاتمي ۽ امن ڳاله??ن جي آغاز جو مطالبو ڪيو ويو، هي يوڪر??ن جي بحران جي سياسي حل جو رستو بڻائي ٿو ۽ مسئلي جي پر??من حل جي ڳولا ۾ سمورين ڌرين لاءِ هڪ منصوبو فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته منهنجي راءِ ۾ اهو قدم هڪ وڏي ملڪ جي حيثيت سان چ??ن جي ذميواري کي ظاهر ڪري ٿو، جيڪو عالمي سطح تي ان جي سياسي اثر رسوخ سان هڪجهڙائي رکي ٿو، جرمني جي هيسن رياست جي يورپي ۽ عالمي معاملن جي کاتي جي ا??وڻي ڊائريڪٽر ۽ چائنا انٽرنيشنل انويسٽمينٽ پروموشن سينٽر(جرمني) جي سينئر ڪنسلٽنٽ ڊاڪٽر مائيڪل بورچم??ن جو خيال آهي ته چ??ن جو موقف دستاويز يوڪرين بحران جي خاتمي لاءِ واضح تجويزون پيش ڪري ٿو، هن چيو ته اسان يورپ ۾ نئين ورهاست نٿا چاهيون، اسان ڪو نئون تڪرار نٿا چاهيون، اسان امن کي يقيني بڻائڻ چاهيون ٿا، شنگهائي ۾ پولينڊ جي ا??وڻي قونصل جنرل شافش چيو ته اثر رسوخ جي دائرن لاءِ تيز چٽاڀيٽي پوري دنيا ۾ خاص طور تي ايشيا پيسفڪ، وچ ۽ اوڀر يورپ ۽ ٻين خطن ۾ آمريڪا جي وڌندڙ مهم جوئي جو سبب بڻجي آهي، آمريڪا يوڪرين بحران جي ذريعي روس کي ڀڙڪايو ۽ آبنائي تائيوان جي صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري چين کي ڀڙڪائيندو رهيو آهي، آمريڪا پهنجي وڃايل حيثيت کي ٻيهر حاصل ڪرڻ ۽ عالمي سطح تي پنهنجو اثر رسوخ وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
يورپي مبصرن جي يوڪرين بحران تي چيني موقف جي پذيرائي
مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável