اسلام آباد– 19 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪمپيوٽنگ ۽ مصنوعي ??هانت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڊيٽا ۽ معلومات 21 هين صدي جو نئون سون آهي، پاڪستان ۾ انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي جو شعبو تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي ۽ فيصلاسازن کي ملڪ ۾ آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي ۽ فروغ جي ??اءِ فوري طور تي صحيح فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان کي اقتصادي چئلينجن تي ضابطو آڻڻ جي ??اءِ پنهنجي روانگي واپار کي وڌائڻ جي ضرورت آهي ۽ آءِ ٽي سيڪٽر ۾ مختصر مدي ۾ روانگي واپار ۾ تيز رفتار ترقي جي صلاحيت موجود آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سي ايڪس او ڊيجيٽل فورم جي اهتمام هيٺ گلوبل ڊيجيٽل سمٽ جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي ??ي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سي ايڪس او ڊيجيٽل فورم ڪن??ل مسرور ۽ ميڊيا ٽيڪ آمريڪا جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مشيل اوڪونر پڻ خطاب ڪيو. تقريب ۾ آءِ ٽي انڊسٽري جي ??مائندن ۽ آءِ ٽي پروفيشنلز شرڪت ڪئي. صدر چيو ته موجوده دور ۾ ڊيجيٽل هيلٿ وڌيڪ اهميت حاصل ڪري ورتي آهي، اهو ضروري آهي ته اسان انساني مصائب کي گهٽ ڪرڻ ۽ صحت جي ??سئلن کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ مصنوعي ??هانت جي استعمال تي ڌيان ڏيون، مصنوعي ??هانت ۽ اميج اينڊ پيٽرن ريلڪنيڪشن سافٽ ويئر ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي مختلف بيمارين جي بهتر تشخيص ۾ مدد ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته ٽيلي ??يلٿ، آن لائين فارميسي، آن لائين ليبز، پريڪٽس مئنيجمينٽ سافٽ ويئر ۽ ٻين اوزارن نه رڳو صحت جي سارسنڀال کي اسان سڀني جي ??اءِ پهچ قابل بڻائي ڇڏيو آهي پر پاڪستان ۾ ڪاروباري برادري جي ??اءِ اقتصادي راهون پڻ پيدا ڪيون آهن. هن پاڪستان ۾ ڊيجيٽل هيلٿ ايڪو سسٽم جي ??روغ ۽ واڌويجهه تي زور ڏنو. صدر عارف علوي آءِ ٽي ماهرن تي زور ڏنو ته اهي ملڪ جي ??اءِ ڊيجيٽل ۽ ٽيلي ??يلٿ پليٽ فارمز جي حوالي سان پاليسيون ٺاهڻ جي ??اءِ حڪومت کي پنهنجون تجويزون پيش ڪن، انهن پاليسين کي لاڳو ڪرڻ جي ??اءِ نجي شعبي کي مهم هلائڻ ۽ هڪ فعال حصيدار بڻجڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ملڪ جي 60 سيڪڙو آبادي کي صحت جي بهتر سهولتن تائين محدود پهچ حاصل آهي ۽ ڊيجيٽل هيلٿ جي صحيح استعمال سان خرچن ۾ گهٽتائي، ڪارڪردگي ۾ بهتري، صارفين جي ??صروفيت ۾ اضافي ۽ مريضن جي سارسنڀال ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ملڪ جي 24 سيڪڙو آبادي ڪنهن ڪنهن قسم جي ذهني دٻاءُ جو شڪار آهي ۽ اهڙن مسئلن جو علاج ڪرڻ جي ??اءِ ذهني صحت جي ??اهرن جو انگ محدود آهي. هن چيو ته ٽيلي ??يلٿ سروسز ۽ مصنوعي ??هانت تي ٻڌل جيٽ بوٽس وڌ کان وڌ ماڻهن کي ذهني صحت بابت مشاورت جون خدمتون فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿا. صدر چيو ته اهو افسوسناڪ آهي ته پاڪستان پنهنجي ??ارن کي پرائمري تعليم فراهم ڪرڻ ۾ به پٺتي آهي ڇو ته انگن اکرن موجب رڳو 68 سيڪڙو پاڪستاني ٻار پرائمري اسڪولن ۾ داخل آهن جڏهن ته ڀارت پنهنجي ??ارن جي ??اءِ 100 سيڪڙو پرائمري تعليم حاصل ڪئي آهي. هن چيو ته روايتي ۽ غيرروايتي تعليمي نظام تي ڌيان ڏيڻ کانسواءِ پاڪستان کي آن لائين ۽ هائبرڊ سکڻ جي طريقن جي ذريعي ??عليم ۽ هنر جي ??راهمي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڪوويڊ 19 دوران پاڪستان ۾ آن لائين تعليم جي ??روغ ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته مختلف تعليمي پس منظر سان تعلق رکندڙ 2.4 ملين ماڻهن وزيراعظم جي ڊيجيٽل اسڪلز پروگرام مان فائدو کنيو آهي. هن چيو ته ملڪ جي ??وجوانن ۽ عورتن کي اهم ۽ قابل بازار ڊيجيٽل مهارت فراهم ڪرڻ جي ??اءِ اهڙا پروگرام جوڙي سگهجن ٿا. چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سي ايڪس او ڪن??ل مسرور چيو ته پاڪستان کي نوجوانن جي ترقي ۽ انهن جي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ??اءِ ڊيجيٽل شعبي ۾ پليٽ فارم ۽ موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان دنيا جي چوٿين وڏي فري لانس مارڪيٽ آهي. ان کان اڳ صدر پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ اعليٰ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ آءِ ٽي ڪمپنين ۾ شيلڊز پڻ ورهايون.
ڪمپيوٽنگ ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي ضرورت آهي، ڊيٽا ۽ معلومات 21 هين صدي جو نئون سون آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ