اسلام آباد-22 نومبر (اي پي پي)صدر مملڪت جي گهر واري بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته ??ات??ءَ جو ڪينسر لاعلاج مرض ناهي ۽ ان جي وقت تي سُڃاڻپ، علاج ۽ ڌيان سان شڪست ڏئي سگهجي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار علامه اقبال اوپن يوينو??سٽ??ءَ ۾ ??ات??ءَ جي ڪينسر بابت آگاهي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. ??ن چيو ته ??ات??ءَ جي ڪينسر جي شرح ۾ هر سال ڳڻتي جوڳي حد تائين اضافو ٿي رهيو آهي ۽ ان جو وڏو ڪارڻ ماڻهن ۾ ان مرض بابت آگاهي نه هئڻ آهي. ??ن چيو ته پنهنجي روزمره معمول ۾ اسان ڪم سان گڏ صحت کي نظرانداز ڪريون ٿا جنهن کان پاسو ڪ??ڻ گهرجي، سڀني لاءِ منهنجو پيغام اهو آهي ته مهيني ۾ هڪ ڀيرو چيڪ اپ ضرور ڪرايو وڃي. ??ن چيو ته بيمارين بابت آگاهي ۽ بچاءَ لاءِ قومي سطح تي خاص ڪري ڏورانهن علائقن ۾ ڪميونٽي بيسڊ هيلٿ ايجوڪيشن، سيمينارز ۽ ڪانفرنسون منعقد ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي ڊين فيڪلٽي آف سائنس، پروفيسر ڊاڪٽر ارشاد احمد ارشد سيمينار جي صدارت ڪئي جڏهن ته پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز جي شعبي ريڊيالوجي جي سربراهه عائشه عيساڻي به سيمينار کي خطاب ڪيو. ڊاڪٽر عائشه عيساڻي چيو ته دنيا ۾ عورتن ۾ موت جو سڀ کان وڏو سبب ??ات?? جو ڪينسر آهي ۽ پاڪستان ۾ هر 9 عورتن مان هڪ عورت ان مرض ۾ مبتلا آهي. هن وڌيڪ چيو ته ??ات?? جي ڪينسر جي روڪٿام لاءِ هنگامي قدم اڻٽر آهن. ڊاڪٽر ارشاد احمد ارشد چيو ته هڪ قومي يونيو??سٽ?? هئڻ جي ناطي علامه اقبال اوپن يونيو??سٽ?? ان قومي بريسٽ ڪينسر آگاهي مهم ۾ مثالي ڪردار ادا ڪندي.
ڇاتيءَ جي ڪينسر جي وقت تي سُڃاڻپ، علاج ۽ ڌيان سان شڪست ڏئي سگهجي ٿي: بيگم ثمينه عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ