ثمرقند – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف ازبڪستان جي دوري جي موقعي تي هوائي اڏي تان سڌو ثمرقند ۾ حضرت خضر ڪمپليڪس ويو ۽ ازبڪستان جي باني اڳواڻ اسلام ڪريموف جي مزار تي حاضري ڀري. ان موقعي تي ازبڪستان جي اعليٰ قيادت، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ ناڻي وارو وفاقي وزير مفتاح اسماعيل پڻ ان سان گڏ هو. و??ير??عظم ازبڪستان جي باني اسلام ڪريموف جي مزار تي حاضري ڀري ۽ فاتحه خواني ڪئي. اٺين صديءَ ۾ تعمير ??ين??ڙ مسجد خضر فن تعمير جو بهترين شاهڪار آهي. واضح رهي ته و??ير??عظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي سالياني اجلاس ?? شرڪت جي لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي ثمرقند پهتو آهي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دوري دوران و??ير??عظم تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان ۽ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزئيوف سان جدا جدا ملاقات ڪندو. بعد ۾ و??ير??عظم روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان ملاقات ڪندو. و??ير??عظم ايراني صدر ابراهيم رئيسي، بيلاروس جي صدر اليگزينڊر گريگوري – وچ لوڪا- شينڪو ۽ ڪرغزستان جي صدر سيد رجاپاروف سان پڻ جدا جدا ملاقات ڪندو. ان کانپوءِ و??ير??عظم ازبڪ صدر پاران مملڪتي سربراهن جي مان ۾ ڏنل آجياڻي ?? شرڪت ڪندو. آجياڻي کانپوءِ و??ير??عظم ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪندو.
وزيراعظم جي حضرت خضر ڪمپليڪس جو دورو ۽ ازبڪستان جي باني اڳواڻ اسلام ڪريموف جي مزار تي حاضري
مضمون کا ماخذ : کڑک