اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري مملڪتي وزير عائشه غوث بخش پاشا ??يو آهي ته ملينيم ڊولپمينٽ گولز ۾ صحت، تعليم، هنرمندي، پيئڻ جي صاف پاڻي جي ??راهمي، پاڻي جي ??يڪالي اهم موضوع آهن، اسان کي پنهنجي ??وجوانن کي بهتر تعليم ۽ هنر سيکارڻو پوندو، ترقي جا ثمر غريب طبقي تائين نه پهچائڻ بدقسمتي آهي، اسان کي زراعت ۽ ڳوٺاڻن علائقن جي ترقي تي ڌيان ڏيڻو پوندو. بين الپارلياماني يونين جي سيمينار کي خطاب ڪندي هن ??يو ته پاڪستان جي آبادي جو 65 سيڪڙو نوجوانن تي ٻڌل آهي، اسان کي پنهنجي ??وجوانن جي ??اءِ روزگار جي ??وق??ن ۾ اضافو ڪرڻو پوندو، نجي شعبي سميت هر شعبي کي ان ڏس ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، انساني وسيلن تي سيڙپڪاري اسان جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي. هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ هن و??ت اسان ٻوڏ سان سڀ کان وڏي پئماني تي تباهي جو شڪار آهيون، 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو ان کان متاثر آهن، لکين ايڪڙ تي بيٺل فصلون تب??هه ٿي چڪيون آهن. هن ??يو ته هن و??ت ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ 6 لک کان وڌيڪ عورتون حاملا آهن جن مان 75 هزار وٽ هن ئي مهيني ٻار جي ??يدائش متوقع آهي، ان جي ??اءِ طبي سهولتون گهربل آهن. هن ??يو ته ملڪ ۾ ٻڌڻ کان محروم ماڻهن جي ??اءِ آواز بڻجڻ جي ضرورت آهي، بدقسمتي سان ترقي جا ثمر غريب طبقي تائين نه پهچي سگها، ايشيائي خطي جو ٽيون حصو آبادي غربت جي ??ڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيو آهي، اڄ هڪ سٺو موقعو آهي ته غربت جي خاتمي لاءِ قدم کنيا وڃن، ايشيائي خطي ۾ 70ع جي ڏهاڪي ۾ غيرمعمولي ترقي ٿي.
اسان کي پنهنجي نوجوانن کي بهتر تعليم ۽ هنر سيکارڻو پوندو: ائشه غوث بخش پاشا
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار