اسلام آباد – 31 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته غير ملڪي طاقتن پاڪستان جي اندر سازش جون ڪڙيون ٺاهيون آهن، اهي حقيقتون آهن ته پاڪستان جي اندر اقتدار جي تبديلي لاءِ ڌمڪي ڏني وئي آهي، اهو 172 نمبرن جو نه پر ملڪي مفاد جو معاملو آهي، ڪنهن ملڪ کي حق نٿو پهچي ته پاڪستان جي اندرو??ي معاملن ۾ مداخلت ڪري ۽ اقتدار جي تبديلي لاءِ سازش ڪري، ساڍا ٽي سال عدم اعتماد جي ڪا ڪهاڻي نه هئي، ختم عدم اعتماد جي ڪاميابي سان گڏ پاڪستان سان گڏ لاڳاپن کي جوڙ??و ويو آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪو چيو پ??و وڃي ته ڪا ڌمڪي آهي يا نه، ان تي مذاق اڏايو پئي ويو ۽ اهو ئي سبب آهي ته ڪابينا کي به اعتماد ۾ ورتو ويو ۽ مشهور صحافين سان خط جا نڪتا شيئر ڪيا ويا، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته جنهن پارليامينٽ ۾ پارليامينٽ جي تبديلي جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن ان پارليامينٽ جي ڪهاڻي قو??ي سلامتي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي آهي ان ۾ به بريفنگ ڏني ويندي ته جيئن ڪنهن وٽ ڪو جواز نه رهي ۽ گهٽين، چوراهن ۾ جڏهن اهو سوال مير جعفر ۽ مير صادق جي ڪردارن کان پڇ??و وڃي ته اهي اهو نه چئي سگهن ته اسان جي ڄاڻ ۾ نه هو ۽ اهي ٻاهرين سازش جو حصو بڻيل رهيا. مملڪتي وزير چيو ته مخالف ڌر جو مطالبو هو ته ان مبينه خط کي قو??ي اسيمبلي ۾ آندو وڃي ۽ اسان قو??ي سلامتي جي پارلياماني فورم ۾ ان معاملي کي کڻي وڃي رهيا آهيون ۽ هاڻي نه ڪو ڀڄندو ۽ نه اسان ڀڄڻ ڏينداسين ڇاڪاڻ جو سڄي قو?? ان معاملي کي ڏسي رهي آهي، هن چيو ته حقيقتون پوري طرح سامهون رکنداسين، سڄي قو?? وزيراعظم عمران خان سان گڏ آهي ۽ وزيراعظم حلف ڏنو آهي ته هو ملڪي سالميت ۽ خودمختياري تي ڪڏهن ٺاهه نه ڪندو، هار اهو شخص مڃيندو آهي جيڪو دل سان هار مڃي وٺندو آهي، وزيراعظم آخري بال تائين مقابلو ڪندو ۽ اڃان پنجن اوورز جي راند باقي آهي ان ۾ ڪيترائي فيصلا ٿيڻا آهن، هڪ سوال جي جواب ۾ فرخ حبيب چيو ته ڪيترائي ماڻهو اڻڄاڻائي ۾ ان سازش جو حصو بڻجي رهيا آهن ۽ جڏهن کان اهي شيون سامهون آيون آهن ماڻهو اسان سان رابطو ڪري رهيا آهن جن ۾ اتحادي ۽ ناراض ميمبر شامل آهن. هن چيو ته اهو سوشل ۽ فعال ميڊيا جو دور آهي، هي آن رڪارڊ سازش ۽ حقيقتون موجود آهن، ان سازش کي ناڪام بڻائڻ لاءِ 22 ڪروڙ عوام بيٺل آهي ۽ ان کي ناڪام بڻائيندي، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته ان سان گڏ حس??س معاملا جڙيل آهن اسان کي ملڪي مفاد کي به عزيز ر??ڻو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ ڏسڻو آهي ته ڇا اسان غلامي ۽ قو??ي غيرت جو سودو ڪري وٺون، جهڙي طرح اڳوڻي حڪمرانن ڪيو هو ۽ ڊرون حملن جي اجازت ڏئي رکي هئي، مخالف ڌر هاڻي اربين روپين جي خاطر سڄي پاڪستان جي جمهوري نظام کي مذاق ٺاهي ڇڏيو، اسان سمجهون ٿا ته اها پاڪستان جي آئيني ادارن جي ذميداري آهي ۽ اسان پنهنجي سڀني قانوني اختيارن تي به غور ڪري رهيا آهيون، اهو 172 نمبرن جو نه پر ملڪي مفاد جو معاملو آهي، هن چيو ته ساڍا ٽي سال عدم اعتماد جي ڪا ڪهاڻي نه هئي، خط ۾ عدم اعتماد جي ڪاميابي سان گڏ پاڪستان سان لاڳاپن کي جوڙ??و ويو آهي، اسان پارليامينٽ ۾ معاملو کڻي وڃي رهيا آهيون ۽ جيڪو خاموش رهندو ۽ پنهنجون اکيون بند رکندو ان جو احتساب پاڪستاني عوام ڪندي.
غير ملڪي طاقتن پاڪستان جي اندر سازش جون ڪڙيون ٺاهيون آهن، اهي حقيقتون آهن ته پاڪستان جي اندر اقتدار جي تبديلي لاءِ ڌمڪي ڏني وئي آهي، اهو 172 نمبرن جو نه پر ملڪي مفاد جو معاملو آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس