اسلام آباد – 21 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گذريل ٽن س??لن ۾ جي ڊي پي ۾ 5.37 سيڪڙو واڌ کي حاصل ڪرڻ تي پنهنجي حڪومت کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ??ه موجوده حڪومت جي اقتصادي سڌارن جي ڪاميابي جو عالمي ??طح تي اعتراف ڪيو پيو وڃي، ڪووڊ – 19 جي عالمي وبا کانپوءِ معمول جي زندگي جلد بحال ٿيڻ وري سر فهرست ملڪن ۾ پاڪستان شامل آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هو 3 س??لن ۾ مجموعي قومي پيداوار ( جي ڊي پي) ۾ 5.37 سيڪڙو جي واڌ تي پنهنجي حڪومت کي مباڪباد ڏيڻ چاهي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ نوڪرين جا قابل ذڪر موقعا پيدا ٿيا ۽ في ڪس آمدني ۾ اضافو ٿيو. وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت جي اقتصادي سڌارن جي ڪاميابي جي عالمي ??ور تي تائيد ۽ توثيق ٿي رهي ??هي، بلومبرگ پاڪستان ۾ واڌ جي پائيدار تسلسل ۽ روزگار جي بلند شرح جي اڳڪٿي ڪئي آهي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان انهن ٽن سر فهرست ملڪن ۾ شامل رهيو جتي ڪووڊ جي عالمگير وبا کانپوءِ معمول جي زندگي تيزي سان بحال ٿي آهي ??نهن مان ظاهر ٿي رهيو آهي ??ه پاڪستان ۾ انساني زندگين ۽ روزگار کي تحفظ فراهم ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته دي اڪانومسٽ ان ڳالهه جو اعتراف پنهنجي تازه ترين نارميلسي انڊيڪس ۾ ڪيو آهي. وزيراعظم ٽوئيٽس سان گڏ دي اڪانومسٽ جي انگرن اکرن جو لنڪ به شيئر ڪيو جنهن موجب ڪووڊ -19 جي وبا جي شدت ۾ گهٽتائي کانپوءِ معمول جي زندگي جلد بحال ٿيندڙ 50 ملڪن ۾ پاڪستان جو ٻيو ??مب?? آهي، ان فهرست ۾ آمريڪا 25هين، آسٽريليا 38، فرانس 17، برطانيه 39، نيوزي لينڊ 41، جرمني 42، هالينڊ 50، چين 33، ويٽنام 30 ۽ برازيل 16 هين ??مب?? تي آهي، ڪووڊ کانپوءِ معمول جي زندگي جلد بحال ڪرائيندڙ ملڪن ۾ ڀارت اٺين ??مب?? تي آهي.
وزيراعظم پاران پنهنجي حڪومت کي مبارڪُون
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز