اسلام آباد – 04 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عو??تن کي هنرمند بڻائڻ لاءِ ڀرپور قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت جي به??ري لاءِ عو??تن جي ڪردار اهميت رکندڙ آهي، فني تربيت کي حاصل ڪرڻ نوجوانن خاص طور تي عو??تن جي لاءِ انتهائي ضروري آهي، حڪومت عو??تن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ لاءِ کين بئنڪن جي ذريعي قرض فراهم ??ري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن”خوشحال پاڪستان“ جي عنوان سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن جو اهتمام ٽيڪينڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي (ٽيوٽا) فيس بڪ جي سهڪار سان ڪيو هو. صدر چيو ته عو??تن کي تعليم حاصل کانپوءِ عملي ميدان ۾ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، فني تربيت حاصل ڪرڻ نوجوانن جي لاءِ گهڻي ضروري آهي، اهي ملڪ ترقي جون منزلون طئي ڪندا آهن جيڪي نون رجحانن کي سڃاڻيندا آهن، 2030ع تائين د??يا کي سائبر سيڪيورٽي ۾ 4 ڪروڙ ماڻهن جي ضرورت هوندي، ورچوئل يونيورسٽي گهٽ پئسن ۾ معياري تعليم فراهم ??ري رهي آهي. صدر فاصلاتي تعليم جي موقعن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان جي معيشت کي اڳتي وٺي وڃن ۾ عو??تن جو نمايان ڪردار هجڻ گهرجي. قائداعظم محمد علي جناح چيو هو ته جنهن قوم ۾ عورت گڏ گڏ نه هلندي اها ترقي نٿي ??ري سگهي، هن چيو ته پاڪستان کي تيزي سان ترقي جون منزلون طئي ڪرڻ گهرجن، نوجوانن خاص طور تي عو??تن کي هنرمند بڻائڻ ملڪ لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو. جيڪڏهن کين هنرمند نه بڻايو ويو ته اهي معاشري تي بار بڻجي وينديون. هن تقريب جي انعقاد تي ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي (ٽيوٽا) ۽ فيس بڪ جي انتظاميه کي مبارڪباد پيش ڪئي. صدر چيو ته برطانيه ۾ 1904ع تائين عو??تن کي وراثت جو حق حاصل نه هو، اسلام 14سئو سال اڳ عو??تن کي وراثت ۾ حصيدار بڻايو ۽ کين انهن جا سمورا حق ڏنا. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عو??تن کي بااختيار بڻائڻ انتهائي اهميت رکندڙ آهي، حڪومت عو??تن کي معاشي طور تي خود ڪفيل بڻائڻ لاءِ قرضن جي مد ۾ جي??ري رقم مختص ڪئي آهي اهي ان مان فائدو نه کڻي رهيون آهن، احساس پروگرام تحت هيٺين سطح تي به عو??تن کي روڪ رقم ڏني پئي وڃي. صدر چيو ته پاڪستان ماضي ۾ غير هنرمند افرادي قوت کي ٻاهرين ملڪ موڪليندو رهيو آهي، اسان کي هاني هنرمند ماڻهن کي تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پاڪستان کي 9 لک نرسن جي ضرورت آهي، ملڪ ۾ هن وقت صرف 2 لک نرسون دستياب آهن، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان کي آءِ ٽي ۽ ٽيڪنالاجي جي ٻين شعبن ۾ موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي، سائبر سيڪيورٽي ۽ آءِ ٽي ماهرن جو تعداد يونيورسٽين جي مشاورت سان وڌائي سگهجي ٿي. هن چيو ته ورچوئل يونيورسٽي شاگردن جي داخلائن جي تعداد 28 هزار کان وڌائي 55 هزار ??ري ڇڏي آهي، فيس بڪ جي تعاون سان عو??تن کي تربيت يافته بڻائي سگهجي ٿو، ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر عارف علوي تقريب ۾ ٽيوٽا کان تربيت حاصل ??ري پنهنجي روزگار ڪمائيندڙ هنرمند عو??تن ۾ سرٽيفڪيٽس به ورهايا. تقريب کي ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي (ٽيوٽا) جي چيئرمين علي سلمان صديق، فيس بڪ جي پبلڪ پاليسي جي مينيجر سحر طارق ۽ ٻين مقررن به خطاب ڪيو.
عورتن کي هنرمند بڻائڻ لاءِ ڀرپور قدمن جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔