پشاور – 02 جنوري (اي پي پي) ضلعي ڪرڪ جي علائقي ٽيري ۾ هندوئن جي مقدس جڳهه شري پرم هنس مهاراج جي سماڌ?? تي پنهنجي مذهبي ر??من جي ادائيگي جي لاءِ سوين هندو ياترين جي آمد ٿي. مذهبي ر??من جي ادائيگي جي لاءِ ايندڙ 215 ياترين مان 173 غيرملڪي ماڻهو جن ۾ پاڙيسري ملڪ ڀارت جا 159 شهري، باقي غيرملڪي ۽ پاڪستان جي ٻين علائقن سان تعلق رکندڙ هندو شامل هئا. هندو برادري جو قافلو پنهنجي مذهبي ر??من جي ادائيگي لاءِ واهگه بارڊر تان پاڪستان ۽ اتان هوائي سفر ذريعي پشاور پهتو هو. جيڪو بعد ۾ اتان روانو ٿي سخت س??ڪي??رٽي ۾ ضلعي ڪرڪ جي ٽيري سماڌي پهتو جتي هندو برادري جي مذهبي ر??من جي موقع?? تي ڪرڪ پوليس پاران س??ڪي??رٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويا. ڊي پي او ڪرڪ شفيع الله خان گنڊاپور س??ڪي??رٽي صورتحال جو پاڻ جائزو وٺي رهيو هو جڏهن ته ٽيري سماڌ?? تي ايس پي انويسٽيگيشن ظاهر شاهه خان سموري صورتحال جي نگراني ڪري رهيو هو. ڀارت مان آيل هندوئن سميت غيرملڪي ياترين س??ڪي??رٽي انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان حڪومت جا ٿورا مڃيندي س??ڪي??رٽي انتظامن کي خوش آئنده قرار ڏنو. ان موقع?? تي هندو ياترين پوليس جي س??ڪي??رٽي انتظامن کي ڏسندي انتهائي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته اسان کي ايترو پروٽوڪول ڏنو ويو آهي جنهن تي پاڪستان حڪومت ۽ ڪرڪ پوليس جا سچي دل سان ٿورائتا آهيون جڏهن ته ان موقع?? تي هندو ڪائونسل پاڪستان جي ايم اين اي ??ميش ڪمار پوليس جي س??ڪي??رٽي انتظامن کي ساراهيندي چيو ته ڪرڪ پوليس پنهنجي پوري ذميواري ۽ ايمانداري سان ڊيوٽي ادا ڪئي آهي. جنهن سان اسان سڀني کي انتهائي خوشي محسوس ٿي آهي، جن اسان جي مذهبي ر??من جي ادائيگي دوران پرامن ماحول فراهم ڪيو. هن چيو ته ٽيري سماڌ?? تي ياترين جي اچڻ سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي ۽ اعتماد جو هڪ نئون باب کلڻ وارو آهي. جيڪو ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي لاءِ خوش آئنده آهي.
ٽيري ۾ شري پرم هنس مهاراج جي سماڌي تي مذهبي رسمن جي ادائيگي لاءِ سوين هندو ياترين جي آمد
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار