اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته تعليم ۽ صحت جي بنياد تي هڪ صحتمند ۽ ترقي يافته قوم بڻجندي آهي، ??حيح فيصلا سازي ۽ پنهنجي ذهانت کي استعمال ۾ آڻيندي اسان دنيا ۾ جلد پنهنجو مقام حاصل ڪري سگهون ٿا، گهٽ آبادي وارن صوبن جي لاءِ وڌيڪ فنڊن جي فراهمي بابت لائحح عمل ا??تيار ڪرڻ گهرجي، ??انداني منصوبابندي بابت پيغام هر گهر تائين پهچائڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل يونيورسٽي آف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي (نسٽ) ۾ آبادي جي موضوع تي سالياني ڪا??فرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو، ڪا??فرنس ۾ نمائنده ڊاڪٽر بختيار قادروف، پاپوليشن ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي صدر ڊاڪٽر علام محمد عارف، يونيورسٽي جي مختلف شعبن جي سربراهن، استادن ۽ شاگردن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي. ڪا??فرنس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته خانداني منصوبابندي بابت پيغام هر گهر تائين پهچڻ گهرجي، موجوده دور جي گهرج آهي ته فيصلا تيزي سان ڪيا وڃن، گهٽ آبادي وارن صوبن جي لاءِ وڌيڪ فنڊن جي فراهمي سان لاڳاپيل عمل ا??يتار ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته وڌندڙ آبادي هڪ وڏو چئلينج آهي، ملڪ کي گذريل 30 کان 50 سالن کان اهو چئلينج درپيش آهي، ??نگلاديش ۽ ايران جهڙا اسلامي ملڪ آبادي ۾ اضافي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ ۾ ڪا??ياب ٿيا، اسان کي ميڊيا جي ذريعي عوام تائين ان بابت پنهنجو پيغام پهچائڻ گهرجي، ??الم سڳورا به ان باري ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪورونا بحران جي ٻن سالن جي دوران ميڊيا اسان جي وڏي مدد ڪئي، ??بادي ۾ اضافي سان پيدا ٿيندڙ مسئلن جي باري ۾ پيغام گهر گهر وڃڻ گهرجي، پاڪستان ايندڙ ٻن سالن تائين حمل روڪ مصنوعات جي مينوفيڪچرنگ شروع ڪري ڇڏيندو. هن چيو ته صحت هر گهر کي اثر انداز ڪندي آهي، ??اندان جي اندر توازن پيدا ڪريو، ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ مڊ وائيف وڌندڙ آبادي ۽ خانداني منصوبابندي جي باري ۾ هر گهر ۾ پيغام پهچائي سگهن ٿيون، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪي روانگي واپار وڌڻ خوش آئنده آهي، ??سان پراڻو بار کڻي هلي رهيا آهيون، ان ڳالهه تي پورو يقين آهي ته صحيح فيصلو ڪرڻ جي صورت ۾ پاڪستان 5 کان 10 سالن ۾ دنيا ۾ منفرد مقام حاصل ڪندو. صدر عورتن کي معاشي طور تي مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته عورتن کي تعليم، بهتر موقعا ۽ هنرمند بڻائي معاشري ۾ بااختيار بڻائي سگهجي ٿو.
تعليم ۽ صحت جي بنياد تي هڪ صحتمند ۽ ترقي يافته قوم بڻجندي آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : números quina hoje