اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ف??دوس عاشق اعواڻ 23 مارچ پاڪستان جي ڏهاڙي جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته 23 مارچ وچن ورجائڻ جو ڏينهن آهي ۽ انهي ڏينهن اسان تحريڪ پاڪستان جي انهن سمورن قومي هيروز کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا جن خواب کي حقيقت جو روپ ڏيڻ جي لاءِ ??رارداد پاڪستان منظور ڪئي. پاڪستان جي ڏهاڙي تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ خاص مددگار چيو ته اڄ جو ڏينهن انهن جي خ??مت?? کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي. ڪيترائي ڏهاڪا اڳ انهن جنهن جدوجهد جي شروعات ڪئي جنهن کانپوءِ ??اڪستان وجود ۾ آيو، اڄ هندستان پنهنجي انتهاپسندي، مذهبي اختلافن ۽ هندوتوا کي فروغ ڏئي 23 مارچ جي ڏينهن جي اهميت ۽ فوقيت کي اڃا وڌيڪ اجاگر ڪري ڇڏيو آهي.
مضمون کا ماخذ : apostas quina