اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) صدر ممنون حسين ملڪ ۾ عدم برداشت ۽ عدم ر??اداري جي وڌندڙ رجحان تي ڳڻتي جو اظهار ڪن??ي چيو آهي ته اهو رويو ملڪ جي لاءِ تبا??ي آڻيندڙ ثابت ٿيندو جنهن جي خراب اثرن کان انفرادي ۽ اجتماعي طور تي ڪير به بچي نه سگهندو ۽ دهشتگردي جي خلاف قوم جون ڪاميابيون به ناڪامي ۾ بدلجي سگهن ٿيون. صدر اها ڳالهه ملڪ ۾ عدم برداشت جي وڌندڙ رجحان تي ڏک جو اظهار ڪن??ي چئي. هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته اڄ آئون ان??هائي ڏکويل دل سان پنهنجي قوم کي مخاطب آهيان. آئون محسوس ڪريان ٿو ته ملڪ ۾ عدم برداشت جو جيڪو رجحان شدت پڪڙي رهيو آهي، قوم خاص طور تي نوجوانن کي ان جي تباهي کان خبردار نه ڪيو ويو ۽ ان جي روڪٿام جي لاءِ پاڪستان حڪومت سان گڏ معاشري جي سمورن طبقن مڪمل هڪ جهڙائي سان تعاون نه ڪيو ته ان جا نتيجا ان??هائي خوفناڪ هوندا.
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز