اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خ??قا?? عباسي چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي جي ??لاف جنگ ۾ پرعزم آهي، آمريڪا سان اقتصادي لاڳاپن ۾ اضافو ۽ دهشتگردي جي ??اتمي لاءِ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ چاهيون ٿا جڏهن ته آمريڪي پرڏيهي وزير ريڪس ٽلرسن چيو آهي ته خطي ۾ امن ۽ س??امتي جي لاءِ پاڪستان جو ڪردار انتهائي اهم آهي. وزيراعظم هائوس پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم شاهد خ??قا?? عباسي سان پاڪستان جي هڪ ڏينهن جي ??وري تي آيل آمريڪي پرڏيهي وزير ريڪس ٽلرسن پنهنجي وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ دفاع وارو وفاقي وزير خرم دستگير، پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف، گهرو وزير احسن اقبال، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ ڊي ??ي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار ۽ پرڏيهي سيڪريٽري تهمينه جنجوعه سميت اعليٰ عملدار شريڪ هئا.
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا