اسلام آباد – 25 جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته مريم ??واز تي ڪوڙا الزام هڻڻ کان بهتر آهي ته عمران خان ايندڙ ??ال ٿيندڙ عام چونڊن جي تياري ڪري. سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين س??ن ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان پاناما ليڪس جي حوالي سان مريم ??واز تي ڪوڙا الزام هڻڻ بدران 2018ع جي چونڊن جي تياري ڪري ڇو ته کيس انهن چونڊن ۾ مريم ??واز جو مقابلو ڪرڻو آهي. هن چيو ته اڄ عدالت ۾ واضح طور تي اهو چيو ويو ته جن دستاويزن بابت انڪشاف ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي، عدالت وٽ اڳ ۾ ئي موجود آهن. حقيقت ۾ تحريڪ انصاف اهو ڊرامو ڪري ٿي ته انهن دستاويزن س??ن ڪو وڏو انڪشاف ٿيڻ وارو آهي، اصل ۾ انهن جو مقصد پاناما ليڪس تي سياست ڪرڻ آهي.
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری