رياض-24آڪٽوبر(اي پي پي)سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمدبن سلمان س??ن آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن ملاقات ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب رياض ۾ ٿيل ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ناتن کي هٿي ڏيڻ ۽ سهڪار جو جائزو ورتو ويو. ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير غزه ۽ لبنان سميت خطي جي درپيش معاملن ۽ عسڪري ڪارروائين کي روڪڻ لاءِ گڏيل ڪوششن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي. ملاقات دوران مملڪتي وزير ۽ قومي سلامتي جو مشير ڊاڪٽر مساعد بن م??مد العيان ۽ ڳجهي اي??نسي جو سربراهه به موجود هيو.
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا