اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ڪو??ونا وائرس جي دوران مڪمل لاڪ ڊائون بدران سمارٽ لاڪ ڊائون سان معاشي طور تي ڪمزور طبقي جي تحفظ کي يقيني بڻايو، حڪومت جي رليف ۽ قدم?? جي ڪري صنعتن ۽ ٻين معاشي سرگرمين تي ڪو??ونا گهٽ کان گهٽ اثر انداز ٿيو، پاڪستاني قوم ڊاڪٽرن ۽ فرنٽ لائن هيلٿ ورڪرز جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي. اهڙن خيالن جو اظهار ڪو??ونا جي روڪٿام جي قدمن بابت اعليٰ سطح جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.
اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان، ڊاڪٽر شهباز گل، اين سي او سي جو ڪمانڊر ميجز جنرل ظفر اقبال، اين سي او سي آپس ڊي جي ميجر جنرل آصف گورايا ۽ ??اڳ??پيل عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته حڪومت جي ڪو??ونا کي منهن ڏيڻ لاءِ پاليسي?? جي سڄي دنيا ۾ پذيرا??ي ٿي، هن چيو ته ڪو??ونا ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرڻ ۾ عوام جو ڀرپور ساٿ رهيو، وزيراعظم چيو ت?? سڄي دنيا ۾ جڏهن لاڪ ڊائو?? جي خلاف ماڻهو رستن تي هئا، پاڪستاني عوام صرف ايس او پيز تي عملدرآمد ڪيو، حڪومت جي سمارٽ لاڪ ڊائون قدمن ۾ ڀرپور تعاون ڪيو پر ويڪسينيشن ۾ به وڌي چڙهي حصو ورتو. هن چيو ته حڪومت جي رليف ۽ قدم?? جي ڪري صنعتن ۽ ٻين معاشي سرگرمين تي ڪو??ونا گهٽ کان گهٽ اثر انداز ٿيو، فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز جي قربانين ۽ ڪو??ونا کي منهن ڏيڻ لاءِ خدمتن تي پوري قوم انهن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي. هن چيو ته پاڪستاني قوم ڊاڪٽرن ۽ فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز جي قربانين کي ڪڏهن به فراموش نه ڪندي، اجلاس کي ملڪ ۾ اومي ڪرو?? جي لهر جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪرڻ سان گڏوگڏ عالمي سطح ۽ خطي ۾ ا?? جي پکيڙ کان به آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته عالمي سطح تي جنوري ۾ اومي ڪرو?? جي بلند ترين سطح کانپوءِ ڪيسز ۾ گهٽتائي اچڻ شروع ٿي وئي آهي پر هاڻي به يورپ ۽ آمريڪا ۾ ا?? جي ڪيسن جو تعداد سڀني کان وڌيڪ آهي، خطي ۾ هن وقت ڪو??ونا سبب موت جي حوالي سان ڀارت سرفهرست آهي جتي هاڻي به گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزار ماڻهو روزاني ڪو??ونا سبب فوت ٿي رهيا آهن، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ حڪومت جي ايس او پيز تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي قدم?? جي ڪري اومي ڪرو?? جي ڪيسز ۾ گهٽتائي اچڻ شروع ٿي وئي آهي،
ان کانسواءِ اجلاس کي اهو به ٻڌايو ويو ته اومي ڪرون سبب بيمار مريض?? جي انتهائي نگهداشت ۾ آمد چوٿين لهر جي مقابلي ۾ 71 سيڪڙو گهٽ آهي، 10 فيبروري 2022ع کانپوءِ مثبت ڪيس?? جي تعداد ۾ 6.8 سيڪڙو سان گهٽتائي، اسپتالن ۾ داخلا ۽ انتهائي نگهداشت جي ضرورت ۾ اضافو به نه ٿي رهيو آهي جيڪو مثبت رجحان آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ ڪو??ونا جي نئين لهر سبب روزاني سراسري 42 فوتگيون ٿي رهيون آهن، اجلاس کي ڪو??ونا ويڪسين تي اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 12 سالن کان گهٽ عمر جي 15 ڪروڙ آبادي ۾ هن وقت 9 ڪروڙ (58سيڪڙو) ماڻهن کي مڪمل طور تي ويڪسين لڳائي وئي آهي جڏهن ته مارچ 2022ع تائين اهو تعداد وڌي 11 ڪروڙ (72 سيڪڙو) ٿي ويندو. ان کانسواءِ 11 ڪروڙ 50 لک ماڻهن کي هڪ ڊوز لڳي چڪو آهي جيڪو مارچ 2022ع تائين وڌي 13 ڪروڙ ٿي ويندو، ملڪ ۾ ويڪسينيش?? جي هر پاڪستاني محفوظ فيز ون لاءِ هن وقت 61 هزار 329 ٽيمون ڪم ڪري رهيون آهن ۽ روزاني 22 لک ويڪسين جا ڊوز لڳايا پيا وڃن، ويڪسينيشن جو فيز ٽو 7 مارچ 2022ع کان شروع ٿيندو. 12 سالن کان 17 سال?? جي 59 سيڪڙو شاگردن کي مڪمل ويڪسين لڳائي وئي آهي ۽ 18 سالن کان وڌيڪ 34 لک ماڻهن کي بوسٽر ڊوز به لڳايو ويو آهي، اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته هن وقت ملڪ ۾ مڪمل آبادي کي ويڪسين لڳائڻ لاءِ اسٽاڪ موجود آهي، صوبائي سطح تي ويڪسينيش?? جي رفتار جي حوالي سان پنجاب پهرين نمبر تي آهي جڏهن ته ان کانپوءِ سنڌ، خيبرپختونخوا، بلوچستان ۽ ٻيا علائقا اچن ٿا، اجلاس کي ويڪسينيش?? جي حُالي سان آئنده جي لائحه عمل ۽ ڪو??ونا وبا جي دوران فرنٽ لائن هليٿ ورڪرز جي پذيرائي لاءِ به تجويزون پيش ڪيون ويون. وزيراعظم اين سي او سي ۽ نيشنل هيلٿ سروسز واري وزارت جي ڪارڪردگي کي ساراهندي ايس او پيز تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ ۽ ويڪسينيشن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون.