اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته سٺي ڳالهه آهي جو پارليامينٽ هلي پئي آهي، ٽي ڏ??نهن تائين جيڪو ڪجهه ٿيو اهو سٺو نه ڏٺو ويندو. وزيراعظم عمران خان 5 سال پورا ڪندو، ضلعي انتظاميه ۽ پوليس اسلام آباد کي ??ثالي شهر بڻائي طاقتورن کي ??ڪڙن، ملڪ جو اصل مسئلو هي آهي ته صرف غريب ئي قانون جي پڪڙ ۾ اچي ٿو. گذريل ڏينهن ايگل ا??ڪواڊ جي فليگ مارچ جي تقريب جي موقعي تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته اسلام آباد پوليس ۽ ضلعي انتظاميه گادي واري شهر کي ??ثالي شهر بڻائي اسلام آباد کي ??نشيات کان پاڪ ڪيو وڃي، آئس ۽ هيروئن جي وڏن وڏن ڊيلرن ۽ ريڪٽس کي ??ڪڙيو وڃي، قانون صرف غريبن خلاف حرڪت ۾ نه اچي، ملڪ جو اصل مسئلو اهو ئي آهي ته غريب قانون جي گرفت ۾ اچي وڃي ٿو، جڏهن ته وڏن ماڻهن خلاف ڪارروائي نٿي ٿئي.
وزيراعظم عمران خان حڪومت جا 5 سال پورا ڪندو، اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي جي بهتريءَ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن: شيخ رشيد احمد
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا