رام الله – 6 نومبر (اي پي پي ) فلسطين کي پورهئي جي عالمي اداري (آئي ??يل او ) ۾ مبصر رياست جو درجو ملي ويو آهي. فلسطيني خابرو اداري مطابق آئي ??يل او جي گورننگ بورڊ، عرب ٽريڊ يونين ڪنفيڊريشن ??ي صدر شاهر سعد سميت عرب ۽ عالمي يونينز جي نمائندن جي شرڪت سان هڪ اجلاس منعقد ڪيو ويو. اجلاس ۾ فلسطين جي تنظيم ۾ حيثيت کي قومي آزادي تحريڪ کان ” مبصر رياست “ ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو منظور ڪيو ويو آهي. شاهر سعد ٻڌايو ته اهو فيصلو حتمي طور تي جون 2025ع ۾ ٿيندڙ عالمي ليبر ڪانفرنس ۾ منظور ڪيو ويندو. هن اشارو ڪيو ته اهو فيصلو فلسطين کي آئي ??يل او جي سموري تنظيمي ڍانچي ۾ مڪمل شرڪت جو حق ڏئي ٿو ۽ شريڪ ميمبرشپ ۾ وڃڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو . هن ٻڌايو ته فلسطين پهريون ڀيرو 2025 ع ۾ حڪو??ت، مزدورن ۽ مالڪن تي ٻڌل هڪ ٽه ڌري سرڪاري وفد سان گڏ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو . انٽر نيشنل ٽريڊ يونين ڪنفيڊريشن (آئي ٽي يو سي ) جي جنرل سيڪريٽري لڪ ٽرائينگل چيو ته پورهئي بابت عالمي اداري طرفان تسليم ڪرڻ فلسطيني عوام لاءِ اميد ۽ انهن سان يڪجهتي جي علامت آهي، جيڪي انساني ۽ مزدور حقن جي معاملي ۾ وڏين مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن . ٽرائينگل زور ڀريو ته فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ پائيدار امن لاءِ ضروري آهي. عرب ٽريڊ يونين ڪنفيڊريشن جي جنرل سيڪريٽري هند بن عمار چيو ته عرب ۽ عالمي يونين ڪنفيڊريشنز فلسطين جي آواز کي بلند ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيون آهن ۽ انهن جو مقصد فلسطين کي آئي ??يل او گورننگ بورڊ ۾ مڪمل ميمبرشپ ت??ئين وٺي وڃڻ آهي.
فلسطين کي پورهئي جي عالمي اداري ۾ مبصر رياست جو درجو ملي ويو
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔