واشنگٽن-30 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ فيس بڪ جي باني مارڪ زوڪر بر?? کي ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن دوکو ڏنو ته هو کيس سڄي زندگي لاءِ جيل ۾ وجهي ڇڏيندو. پرڏيه?? خابرو اداري موجب ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي نئين ڪتاب سيو آمريڪا جيڪو 3 سيپٽمبر تي شايع ٿيندو جي اقتباس ۾ لکيو آهي ته اسان ان جي ڪڙي نگراني ڪري رهيا آهيون جيڪڏهن هُن هن ڀيري ڪو غير قانوني ڪم ڪيو ته هو پنهنجي باقي زندگي جيل ۾ گذاريندو، جهڙو چونڊ?? ۾ ??وکو ڏيندڙ ٻين جو انجام ٿيندو. رپورٽ موجب ڊونلڊ ٽرمپ فيس بڪ جي مالڪ تي گذريل صدارتي چو??ڊن دوران سندس خلاف سازش ڪرڻ جو الزام لڳايو، جنهن سبب 2020ع ۾ جوبائيڊن جي فتح ٿي. ڪتاب ۾ شامل وائٽ هائوس ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي مارڪ زوڪر بر?? سان ملاقات جي هڪ اڻڄاتل تصوير ڏيکاري وئي آهي، ريپبلڪن اميدوار لکيو ته هو اوول آفيس ۾ ساڻس ملڻ ايندو ۽ پنهنجي گهرواريءَ (پرسڪيلا) کي ڊنر تي وٺي ويندو، ۽ هو تمام سٺو هو پر پردي جي پويان هو هميشه صدر خلاف سازشون ڪندو رهيو. هن چيو ته هن کيس ٻڌايو ته فيس بڪ تي ڊونلڊ ٽرمپ جهڙو ڪو به ناهي پر گڏ ئي هن پنهنجو پليٽ فارم ان ج?? خلاف استعمال ڪيو. اها تنبيهه ڊونلڊ ٽرمپ جي مارڪ زوڪر بر?? تي تازي حملي جي نمائندگي ڪري ٿي، جن تي هو بار بار صدارتي چو??ڊن ۾ مداخلت جو الزام لڳائي چڪو آهي، فيس بڪ جي مالڪ ڪمپني ميٽا قدامت پسندن ک?? خاطري ڪرائڻ لاءِ اهي قدم کنيا ته ان سان هلندڙ سال چونڊ مهم متاثر نه ٿيندي.
آئون اوهان کي جيل ۾ وجهندس، ڊونلڊ ٽرمپ جي فيس بڪ جي باني کي ڌمڪي
مضمون کا ماخذ : پنجاب لاٹری