اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آھي ته آمريڪا ۾ منعقد ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش ونٽر فينسي فوڊ شو ۾ شرڪت لاءِ 21 آڪٽوبر تائين درخواستون جمع ڪرائي سگ??جن ٿيون. ٽي ڊي اي پي طرفان جاري تفصيل مطابق 3 ڏينھن واري واپار جي عالمي نمائش آمريڪا ۾ 19 کان 21 جنوري تائين جاري رھندي جنھن ۾ چاڪليٽ پروڊڪٽس، اسنيڪ فوڊ، روايتي مٺايون، آئيس ڪريم، بسڪيٽ، فروٽ، ڀاڄيون، ف??وز?? فوڊ، ڪافي، مشروبات، بيوريجز، گلابي لوڻ ۽ ڪيڪ سان لاڳاپيل ماڻھو ۽ ادارا پنھنجي مصنوعات عالمي خريدارن آڏو پيش ڪرڻ سان گڏو گڏ پنھ??جا ڪ??رو??اري معاملا طئي ڪري سگھن ٿا. نمائش جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل اٿارٽي جي ويب سائيٽ تان حاصل ڪري سگھجي ٿي.
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم