اسلام آباد-14 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري جمهوري ادارن کي مضبوط بڻائڻ، ضروري سڌارا آڻڻ ۽ پاڪستان ۾ جمهوريت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ اجتماعي طور تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. هن جمهوريت کي هڪ منصفاڻي ۽ جامع معاشري جو بنياد قرار ڏيندي چيو ته قوم کي درپيش موجوده چئلينجن جو حل هڪ مضبوط ۽ متحرڪ جمهوري عمل ۾ لڪيل آهي. اهڙو اظهار هن جمهوريت جي عالمي ڏينهن جي ??وقعي تي پنهنجي ??ي??ام ۾ ڪيو. هلندڙ سال جي جمهوريت جي عالمي ڏينهن جو عنوان ”مص??وع?? ذهانت جي ??دد سان بهتر طرز حڪمراني کي هٿي ڏيڻ آهي“.پنهنجي ??ي??ام ۾ صدر مملڪت مص??وع?? ذهانت جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته مص??وع?? ذهانت شفافيت، احتساب ۽ ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته هي ڊي??ا تي ٻڌل معلومات فراهم ڪري ووٽر جي جمهوري عمل تائين پهچ بهتر بڻائي ٿي. صدر مملڪت پارليامينٽ جي ڪردار کي جمهوريت جي تحفظ، عوامي مسئلن جي حل ۽ جامع پاليسين جي جوڙجڪ ۾ اهم حيثيت قرار ڏنو. هن چيو ته اسان جو مستقبل جمهوري ادارن کي مضبوط ڪرڻ ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي اجتماعي ڪوششن تي ٻڌل آهي ته جمهوريت ايندڙ نسلن لاءِ وڌندي ويجهندي رهي. هن چيو ته بنيادي حقن جي تحفظ ۽ سمورن شهرين جي سياسي، معاشي ۽ سماجي شموليت جمهوريت جو اساس آهي. صدر مملڪت، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ??ربانين کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته هنن پاڪستان ۾ جمهوريت جي بحالي ۽ استحڪام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. انهن جي ??يراث جمهوري قدرن جي بقاءَ جي جدوجهد جي ??ڪ مسلسل يادگيري ڏيارين ٿيون. صدر آصف علي زرداري چيو ته جمهوريت ذريعي پاڪستان سماجي ۽ اقتصادي انصاف، برابري، قانون جي حڪمراني ۽ اظهار راءِ جي آزادي يقيني بڻائي سگهي ٿو.
جمهوري ادارا مضبوط بڻائڻ ۽ ضروري سڌارا آڻڻ جي ضرورت آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : bolão quina