اسلام آباد – 11 سيٽمبر (اي پي پي )گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي قاعد اع??م محمد علي جنا?? جي سياسي بصيرت ۽ اعليٰ قيادت کي شاندار لفظن سان خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته سندس سخت جدوجهد، بلند حوصلي ۽ ايمانداري قاعد اع??م جي شخصيت کي نمايا ڪري ٿي . قاعد اع??م محمد علي جنا?? جي 76 هين ??رسي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته قاعد اع??م جي جرئتمنداڻي قيادت بنا آزاد ملڪ جو خواب ڪڏهن پورو نه ٿئي ها . قاعد اع??م جو اهو احسان قيامت تائين ??ٿو وساري سگهجي، اڄ اسان آزاد ??وم جي حيثيت ۾ ساهه کڻي رهيا ??هيون، اڄ قاعد اع??م جي اصولن تي عمل ڪرڻ جي جيتري ضرورت آهي، شايد پهريان ڪڏهن به نه هئي. هن چيو ته قاعد جي پاڪستان ۾ ڪنهن کي لساني، طبقاتي ۽ گروهي بنيادن تي فوقيت حاصل ناهي. قاعداعظم جي پاڪستان ۾ اقليتن سميت هر هڪ کي هڪجهڙا حق حاصل آهن. بدقسمتي سان قاعد اع??م جي سونهري اصولن تي عمل نه ڪري اسان عالمي طور پوئتي رهجي ويا ??هيون. محسن نقوي چيو ته قاعد اع??م محمد علي جنا?? جي اصولن تي هلڻ ۾ ئي پاڪستان جي ترقي جو راز ٻڌل آهي . هن چيو ته قاعد اع??م جي عظيم مسلسل جدوجهد کي پاڪستاني ??وم ڪڏهن نٿي وساري سگهي . اسان کي اهو عزم ڪرڻ گهرجي ته قاعد اع??م جي اصولن مطابق ملڪ جي ترقي ۽ استحڪام لاءِ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪيون، اچو ته ان عزم جي تجديد ڪيون ته اسان اتحاد، تنظيم ۽ يقين ??حڪم سان اڳتي وڌنداسين.
قاعد اعظم جا سونهري اصول ۽ اعلى فرمان اسان لاءِ مشعل راه آهن: وفاقي گهرو وزير
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا