اسلام آباد – 31 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثق??فت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سينيئر اداڪار ۽ ڪاميڊين سردار ڪمال جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ??نه??جي تعزيت واري پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مرحومه جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته سردار ڪمال هڪ عظيم فنڪار هو، سندس لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو. هن ??يو ته سردار ڪمال جي لاڏاڻي سان پاڪستان شوبز انڊسٽري هڪ عظيم فنڪار کان محروم ٿي وئي آهي. سردار ڪمال هڪ اهڙو فنڪار هو جنهن سدائين ٻين جي چهرن تي مسڪراهٽون پکيڙيون. هن ??يو ته ڏک جي هن ??هڙيءَ ۾ ڏکويل خاندان سان گڏ آهيون. مرحوم جي شوبز انڊسٽري جي لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر عطا فرمائي.
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2