اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي)??عل??م ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته ??عل??م ڪنهن به ملڪ جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. اها ڳالهه هن بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد ۾ ??عل??م جي موضوع تي رٿيل ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ??عل??م واري وزير چيو ته ڊجيٽل انقلاب سکڻ جا طريقا بدلائي ??ڏي?? آهن جڏهن ته ??عل??م لاءِ وقت ۽ جڳهه جي رڪاوٽ هاڻ ڪوبه مسئلو ناهي. هن تدريس ۽ سکڻ ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال تي زور ڀريو. وفاقي وزير چيو ته ??عل??م معاشري کي مضبوط، مستحڪم ۽ خوشحال بڻائڻ جو بهترين ذريعو آهي. مدد علي سنڌي جو چوڻ هو ته ??عل??م اسان جي قوم جي اولين ترجيح هئڻ گهرجي. هن بين الاقوامي ڪانفرنس جو بندوبست بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي جي فيڪلٽي آف ايجوڪيشن اقراء ي??نيورسٽي ۽ انٽرنيشنل سينٽر آف ايڪسيلينس جي سهڪار سان ڪيو. ڪانفرنس ۾ قومي ۽ عالمي اسڪالرز طرفان 50 جي لڳ ڀڳ مقالا پيش ڪيا پيا وڃن. هائر ايجوڪيشن ڪميشن ايڇ اِي سي جي پروفريسر ڊاڪٽر مختار احمد خطاب ۾ چيو ته ڪوبه ملڪ ان وقت تائين ترقي نٿو ڪري سگهي جيستائين هو ??عل??م ۾ سيڙپڪاري نه ڪري. هن چيو ته نوجوان قوم جي تقدير بدلڻ جي صلاحيت رکن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان گذريل سال يورپ لاءِ سڀ کان وڌيڪ اسڪالرزشپ حاصل ڪيون آهن.
تعليم ڪنهن به ملڪ جي ترقيءَ جو اهم ڪردار ادا ڪندي آهي: مدد علي سنڌي
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ