اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستاني ٽيچر سسٽر زيف کي گلوبل ٽيچر پرائيز 2023ع کٽڻ تي مبارڪباد ڏيندي ان کي پاڪستان جي لاءِ هڪ شاندار لمحو قرار ڏنو آهي. پنهنجي ٽوئ??ٽ ۾ هن چيو ??ه پاڪستان جي لاءِ هي هڪ شاندار لمحو آهي جڏهن سسٽر زيف گلوبل ٽيچر پرائيز 2023ع کٽيو ??هي. هن چيو ??ه تعليم منهنجي دل جي تمام ويجهو آهي ڇو ته رڳو تعليم ئي اسان کي پاڻ پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي ملڪ جي لاءِ اعزاز حاصل ڪرڻ جي لاءِ اڳتي وٺي وڃي ٿي. هن ان قابل قدر ڪاميابي تي سسٽر زيف کي مبارڪباد ڏني. سسٽر زيف جڏهن 13 سالن جي هئي ته هن پٺتي پيل ٻارن جي لاءِ پنهنجي گهر جي اڱڻ ۾ اسڪول جو بنياد رکيو. هوءَ عورتن جي حقن ۽ ٻارن جي تعليم جي وڪيل ۽ حقيقي تبديلي آڻيندڙ عورت آهي. هن کي هي ايو??رڊ يونيسڪو جي سهڪار سان ڏنو ويو. هن ايو??رڊ جي لاءِ 130 ملڪن مان 7 هزار درخواستون مليون هيون جن مان هن هي ايو??رڊ کٽيو.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاران پاڪستاني ٽيچر سسٽر زيف کي گلوبل ٽيچر پرائيز 2023ع کٽڻ تي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری